ٿيليسيميا جي مريضن لاءِ 100 رت جي بوتلن جو عطيو

ٿيليسيميا جي مريضن لاءِ 100 رت جي بوتلن جو عطيو

ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي)سماجي تنطيم راهه منزل پاران ٿيليسميا ۽ ڪينسر جي مريضن کي رت عطيئي طور ڏيڻ لاءِ بلڊ ڪيمپ لڳائي وئي ڪيمپ ۾ شهر ۽ ڀرپاسي جي نوجوانن هڪ سو کان مٿي رت جون بوتلون عطيئي طور ڏنيون، ان موقعي تي بلڊ ڪيمپ جو پ پ ايم پي اي سيد اعجاز شاهه بخاري، اڳوڻي يو سي ناظم پير احمد سعيد جان سرهندي، جمن ڪيهر، ڊاڪٽر مير حسن ملاح ۽ ٻين پاران دورو ڪيو ويو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ ايم پي اي سيد اعجاز شاهه بخاري چيو ته سماجي تنظيم راهه منزل پاران ٿيليسميا ۽ ڪينسر جي مريضن کي رت جي فراهمي عطيئي طور ڏيڻ لاءِ هتي بلڊ ڪيمپ لڳائڻ ساراهه جوڳو عمل آهي، هن چيو ته ٽنڊو محمد خان جي سول اسپتال ۾ ٿيليسميا مرض ۾ مبتلا هڪ سو جي لڳ ڀڳ ٻارن رت جي فراهمي ڏني وڃي ٿي هن عوام کي اپيل ڪئي ته هو ٿيليسميا ۽ ڪينسر جي مريضن جون حياتيون بچائڻ لاءِ اڳتي اچن ۽ اهڙيون بلڊ ڪيمپون لڳايون وڃن ته جيئن وڌيڪ قيمتي انساني زندگيون موت جي منهن کان بچائي سگھون. سماجي جي تنظيم راهه منزل جي صدر مهوش خان پٺاڻ چيو ته اسان جي ننڍو قدم ٿيليسميا جي ڪينسر جي ٻارن جي بيماري ختم ڪرڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ثابت ٿيندو هن بلڊ ڪيمپ جو مقصد عوام ۾ ٿيليسميا ۽ ڪينسر جي مريضن سان اظهار همدردي ڪرڻ آهي ان موقعي تي پير جمال سرهندي، شاهه زيب، صدام پلي، حسين ۽ ٻيا سماجي اڳواڻ پڻ موجود هئا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو