مٺي/ ڪلوئي/ ڇاڇرو(نمائندن وٽان) ٿر جي مختلف علائقن ۾ آسماني بجلي ڪرڻ جي ڌار ڌار پيش آيل مختلف واقعن ۾ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. جن ۾ هڪ ئي گهر جا 6 ڀاتي به فوتين م شامل آهن. وڄ ڪرڻ جي مختلف واقعن م 7 ڍڳيون ۽ 24 ٻڪريصون پن مري ويو آهن. ننگرپارڪر ڀرسان اڪراڙي ۾ وڄ ڪرڻ سبب هڪ ئي گهر جا 6 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا. ڳوٺ اڪراڙو ڀيل لڳ پاڻھاريو ساند يوسي پيلو تعلو ننگرپارڪر ۾ آسماني بجلي ڪرڻ سبب رميش پٽ لڇمڻ ڀيل، رنجيٽ ڌيءَ گلجي ڀيل، ڀمرو پٽ ڀوڄو ڀيل، سگنا ڌيءَ گلاب ڀيل ، وڪرم پٽ گلاب ڀيل، انيتا ڌيءَ ڀمرو ڀيل فوت ٿي ويا، جڏهن ته تابو پٽ روپو وڄ ڪرڻ سبب سڙي زخمي ٿي پيو جنهن کي علاج لاءِ مٺي ريفر ڪيو ويو آهي.

هن ڳوٺ ۾ 7 ڍڳيون به مری ويون آهن. هوڏانهن ڇاڇرو جي ڳوٺ خميسو مڱريو جي ڍاڻي ڀرسان برسات دوران وڄ ڪرڻ سبب اصغر مڱريو جي 11 سالن جي ڌيءَ فرزانا فوت ٿي وئي، معصوم نينگري جي اچانڪ موت تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. ڳوٺ ٻنٽياڙي ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب چيلھار واسي شفيع ولد جمعو مڱڻھار فوت ٿي ويو آهي. ڳوٺ ساڪرويرو ۾کنوڻ ڪرڻ سبب گلو ٺڪر جون 4ٻڪريون، پريمو ٺڪر جو شان ٻڪرو، ايسري جون 5ٻڪريون پتي جون 4 ٻڪريون، ڪيسي اجتاڻي4 ٻڪريون ، سوائي ڪرتاڻي جي هڪ ٻڪري مري وين آهن. ننگرپارڪر جي علائقي گوڙي مندر ڀرسان کنوڻ ڪرڻ سبب ڳوٺاڻي سومار پٽ ڦوٽو جون پنج ٻڪريون سڙي مري ويون آهن. خبر فائيل ڪرڻ تائين ٽوٽل 24 ٻڪريون مري وڃڻ جو اطلاع مليو آهي. ٿر جي سماجي اڳواڻن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ٿر جي 64يونين ڪائونسلن لاءِ فوري طور 3ڪروڙ 20 لک جاري ڪيا وڃن،سنڌ سرڪار لوڪل گورنمينٽ کي نوٽس جاري ڪري يوسي چئرمينن کي ارٿ راڊون لڳائڻ لاءِ پابند بڻايو وڃي. جيئن انساني جانين ۽ مال مويشين کي بچائي سگهجي.










