ڪلوئي(ن سنڌيار)ٿرپارڪر ۾ هيلوڪين تيز طوفاني برساتن سبب روڊ تباهه ٿي ويا آهن. برسات ٿر خاص ڪري ڏيپلي تعلقي ۾ روڊن جي وڇايل ڄار کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي،

روڊن ۾ 20 کان 25 فوٽن تائين کڏا پئجي ويا آهن، جنهن ڪري سفر ڏکيو ۽ موتمار ٿي پيو آهي.تباهه ٿيل روڊن ۾ ڏيپلو کان ڪلوئي، ڏيپلو کان بدين ۽ مختلف ڳوٺن جا لنڪ روڊ شامل آهن.ڏيپلي کان ڪلوئي ويندڙ روڊ ۾ ڳوٺ ڏيڙو، وارهه، لسيو ۽ ڇهو ونگڙ سينگاريو گرڙي روهيلو گرڙاٻھ ليکڙو سينئر کوهي دونهائي هوٿي خرچ لس کان ويندي کيتلاري ڳوٺ تائين مک روڊ هنڌان هنڌان ٽٽي ويو آهي.

روڊ ۾ ڪٿي 20، 25 فوٽن جو گهارو ته ڪٿي ايترا ئي کڏا پئجي ويا آهن. ڏيپلو کان بدين وايا علي بندر جي تباهه ٿيل روڊ کي برساتن وڌيڪ تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

روڊ کاري راهمان، سڌوئي، ڏاندري، ڊاگو ۽ ٻين هنڌن تان ٽٽي ويو آهي، ندين روڊ کي لوڙهي وڏا کڏا هڻي ڇڏيا آهن. لنڪ روڊن کي به ندين ۽ نئين لوڙهي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري ڳوٺن جا شهرن سان زميني رابطا ڪٽجي ويا.

لوڻ جي کاڻين ۽ سنن وارن علائقن ۾ گاڏيون ڦاسي وڃڻ جا اطلاع مليا آهن.ساڪري کان ڳاهه خرچ، ويندي شادي لارج تائين روڊ ۾ به هنڌان هنڌان کڏا پئجي ويا آهن، ڳوٺ، سجائي، موڏور واري سن وٽ روڊ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.

اڪثر روڊ واريءَ سان به ڍڪجي ويا آهن، جنهنڪري موٽر سائيڪلن تي سفر ڪندڙ ماڻهن کي سخت ڏکيائي جو منهن ڏسڻو پئجي ويو آهي. روڊ تباهه ٿيڻ سبب ٽرانسپورٽرن ڀاڙا وڌائي ڇڏيا آھن.

غريب ماروئڙا بيمارين سميت ايمرجنسي ۾ ڳرا ڀاڙا ڀري منزل تائين پهچڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. انتظاميا هيل تائين ڪي به قدم نه کنيا آهن، جنهن ڪري حادثا معمول بڻجي ويا آهن. روڊن تي ڪٿي ڪٿي ڳوٺاڻن احتياط ڪرڻ لاءِ کڏن وٽ ڍينگهر رکي ٽٽل روڊ جي نشاندهي ڪئي آهي، پر خطرناڪ کڏا ڪنهن به وقت ڪنهن خطرناڪ حادثي جو سبب بڻجي سگهن ٿا، انڪري انتظاميا کي فوري نوٽيس وٺڻ گهرجي.












