لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) ايس ايس پي مسعود بنگش ٻڌايو آهي ته ٿاڻي ۾ اي ايس آءِ کي پي پي اڳواڻ پاران ڪٽڪو ڏئي وردي ڦاڙڻ جو نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او کي معطل ڪندي پي پي اڳواڻ کي گرفتار ڪيو آهي. گذريل ڏينهن وليد ٿاڻي تي ايس ايڇ او جي موجودگي ۾ پي پي اڳواڻ ذوالفقار جکراڻي اي ايس آءِ اصغر مغيري کي مار ڪُٽ ڪئي هئي ۽ جوابدار شراب جي بوتلن سميت ٿاڻي تان ڇڏائي ويو هو.

متاثر اي ايس آءِ ويڊيو رڪارڊ ڪري وائرل ڪئي هئي ۽ ڪاروائي نه ٿيڻ جي صورت ۾ خودڪشي جي ڌمڪي ڏني هئي. هن زهر کائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو هو رات کان سندس موت جون خبرون هلي رهيون هيون. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو نوٽيس ورتو جنهن بعد ايس ايس پي سرگرم ٿيو ۽ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو ۽ سندس چوڻ آهي ته اهلڪار زنده ۽ ٺيڪ آهي.

اصغر مغيري چيو هو ته هن موٽر سائيڪل سوار ٻن ڄڻن کي شراب جي ٻن بوتلن سميت گرفتار ڪيو هو جنهن تي جکراڻي مڇرجي پيو ۽ ٿاڻي ۾ کيس مار ڏني. هن چيو ته ايس ايڇ جوابدار خلاف ڪاروائي بدران کيس اهو چئي ماٺ ڪرائي ته هي سياسي ماڻهو آهن.










