پگهارن تي ڳرو ٽيڪس، پي آءِ اي جا پائليٽ استعيفا ڏيڻ لڳا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي ايئر لائن پي آءِ اي جي پائليٽن پگهارن تي ٽيڪس جي معاملي تي استعيفائون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون.قومي اسيمبلي جي ايوي ايشن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته پي آءِ اي جي پائليٽن پگهارن تي 35 کان 40 سيڪڙو تائين ٽيڪس خلاف وڏي انگ ۾ استعيفائون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي پائليٽن جي پگهارن تي 35 کان 40 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو آهي، جنهن تحت 8 لک پگهار کڻندڙ پائليٽ کي ساڍا 3 لک رپيا واڌو ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو.ڪميٽي ميمبر سائرا بانو چيو ته ٻن درجن کان وڌيڪ پائليٽن استعيفائون ڏنيون آهن، جن کي منظور نه پيو ڪيو وڃي.پي آءِ اي اختيارين به ڪميٽي ۾ استعيفائن جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته پائليٽن جون استعيفائون وصول ٿي رهيون آهن، جنهن تي حڪومت پي آءِ اي ۾ 250 نوان پائليٽ ڀرتي ڪرڻ لاءِ خط لکيو آهي.پي آءِ اي جي چيف ڪمرشل آفيسر ٻڌايو ته حڪومت پائليٽن جي نين ڀرتين تي اڃا تائين جواب ناهي ڏنو، سپريم ڪورٽ پي آءِ اي ۾ نين ڀرتين تي پابندي لاڳو ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو