پچ ڪهڙي به هجي، قلندر آساني سان رنسون نه ڏيندا:ڪامران غلام

پچ ڪهڙي به هجي، قلندر آساني سان رنسون نه ڏيندا:ڪامران غلام

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور قلندرز جي بيٽسمين ڪامران غلام جو چوڻ آهي ته ايڇ بي ايل پي ايس ايل 8 ۾ پچن سبب وڌيڪ رنسون اسڪور ٿي رهيون آهن جنهن سان بيٽسمينن کي به فائدو ٿي رهيو آهي ۽ مداح به خوش ٿي رهيا آهن.ان حوالي سان ڳالهائيندي ڪامران غلام چيو ته هن پي ايس ايل جي شروعات ۾ منهنجي پرفارمنس سٺي نه هئي پر مسلسل محنت ڪندو رهيس ۽ جڏهن ٻيو موقعو مليو ته ان مان فائدو ورتو.هن چيو ته ڪوچز مون کي نيٽ تي ذهني طور مضبوط ڪيو ۽ مون کي تمام گهڻو سپورٽ ڪيو، ان ڪري مون کي تمام گهڻو فائدو ٿيو.پنڊي جي بيٽسمينن جي حوالي سان ڪامران غلام چيو ته اسٽيڊيم جون پچ اهڙيون آهن جو 230، 240 رنسون آرام سان ٺاهيون ويون آهن، بائونڊريون به ننڍيون آهن، بيٽسمين سٺي اسڪور ڪن ٿا، مداح لطف اندوز ٿين ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو