پٽن جو پيءَ تي گهران تڙي ڪڍڻ جو الزام

پٽن جو پيءَ تي گهران تڙي ڪڍڻ جو الزام

ڪوٽ لالو(باغ علي) اسٽيشن محلا جي رهواسين امــان الله خاصخيلي، يارمحمد، حبيب الله خاصخيلي  احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو پيءَ رحمت الله خاصخيلي غيرن جي ڳالھين ۾ اچي اسان جو ڪکائون جھڳو ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسان کي گھر مان تڙي ڪڍڻ جي ڪوششن ۾ ڏينهن رات رڌل آھي.  هنن چيو ته اسان جا ٻچا پريشان آھن اسان انهن کي ڪنهن در وٺي وڃئون اسان جو پيءَ نشي جو عادي ٿي ويو آهي اسان جي زمين ۽ گهر به کپائيڻ جي ڪڍ آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي خيرپور  کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسان ٻچن سميت  آپگهات ڪنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو