پي ڊي ايم حڪومت پي ٽي آءِ کي ڪچلڻ چاهي ٿي،قاسم سوري

پي ڊي ايم حڪومت پي ٽي آءِ کي ڪچلڻ چاهي ٿي،قاسم سوري

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ اڳواڻ قاسم خان سوري چيو آهي ته پي ڊي ايم حڪومت پي ٽي آءِ کي ڪچلڻ چاهي ٿي، لنڊن پلان تي عمل ڪيو پيو وڃي.ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي قاسم سوري چيو ته عمران خان تي حملو ڪيو ويو، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي.هن چيو ته پي ٽي آءِ سان ڳالهائڻو آهي ته ماحول سازگار بڻايو وڃي.قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته موجوده حڪومت چونڊن مان فرار ٿيڻ جا بهانا ڪري رهي آهي، سپريم ڪورٽ جي حڪم تي پنجاب ۾ چونڊون ڪرايون وڃن.هن چيو ته ڪوئيٽا ۾ آدمشماري تي تحفظات آهن، سڄي بلوچستان جي آبادي وڌي وئي آهي پر ڪوئيٽا جي آبادي 5 لک کان گهٽجي وئي آهي.قاسم سوري وڌيڪ چيو ته آدمشماري جو مدو هڪ مهينو وڌايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو