ڊيرا اسماعيل خان(ويب ڊيسڪ)امير جماعت اسلامي پاڪستان سراج الحق جو چوڻ آهي ته پي ڊي ايم جي ان وقت حمايت ڪنداسين جڏهن اها اسلامي نظام لاڳو ڪندي.ڊيرا اسماعيل خان ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته آصف زرداري ۽ شهباز شريف پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف عدم اعتماد لاءِ مون سان رابطو ڪيو هو.امير جماعت اسلامي پاڪستان سراج الحق چيو آهي ته مان آصف زرداري ۽ شهباز شريف کي جواب ڏنو ته پي ڊي ايم جو حصو نٿا ٿي سگهون.هن وڌيڪ چيو ته مرڪز ۾ 13 پارٽين جي حڪومت آهي جيڪي 70 سالن کان ملڪ تي قابض آهن، پي ٽي ايم، پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آءِ سڀني جو ايجنڊا آءِ ايم ايف جي غلامي آهي.جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سراج الحق جو به چوڻ آهي ته ملڪ ۾ انصاف نه ملڻ جا ذميوار حڪمران آهن.










