اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اڳوڻي وزيراعظم ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ راجا پرويز اشرف اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مسلم ليگ (ن) تي ڪشمير ۾ چونڊن دوران ڌانڏلي جا ثبوت پيش ڪيا.
هن آزاد ڪشمير جي چيف اليڪشن ڪمشنر کان مطالبو ڪيو ته پي پي اميدوارن پاران پيش ڪيل ويڊيو ثبوتن جي جاچ ڪري ۽ جن 30 پولنگ اسٽيشنز تي اعتراض آهن انهن جي ڇنڊ ڇاڻ تائين نتيجا روڪيا وڃن.
هن صحافين آڏو ڪجهه ويڊيو ڪلپس ڏيکاريا جن ۾ ڪجهه ماڻهو ٺپا هڻندي نظر آيا. هن سوال ڪيو ته ڇا پارٽي کي ان معاملي تي لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪرڻ جو حق ناهي؟ هن چيو ته “هن معاملي جا اصل منصف صرف پاڪستان ۽ ڪشمير جا ماڻهو ٿي سگهن ٿا.”
راجا پرويز اشرف، مسلم ليگ (ن) جي قيادت پاران پيپلز پارٽي کي “هاڻي اڳتي وڌڻ” واري صلاح تي به اعتراض ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي جي “جائز خدشن” کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي.
هن هڪ ٻئي ويڊيو ڏيکاريندي دعويٰ ڪئي ته، “هن وڊيو ۾ ايل اي-12 ۾ هڪ شخص کي بيلٽ پيپر کڻي انهن کي باهه ڏيندي ڏسي سگهجي ٿو، ۽ ساڻس گڏ 100 کان 150 ماڻهو هئا، جن جي اڳواڻي مسلم ليگ (ن) جي اميدوار ڪري رهيو هو.”
راجا پرويز اشرف چيو ته هن اهو واقعو آزاد ڪشمير جي چيف جسٽس راجا سعيد اڪرم خان جي نوٽيس ۾ آندو ۽ سوال ڪيو، ” 48 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي، پر ڇا ان شخص خلاف ڪا ڪارروائي ڪئي وئي آهي؟”
هن وڌيڪ چيو، “جڏهن چونڊن جا اڃا ٻه مرحلا باقي آهن، ته پوءِ توهان اسان کي ڪيئن ٿا چئو ته همت ڪريو ۽ اڳتي وڌو؟”
هن خبردار ڪيو ته اهڙي قسم جي عمل جو احتساب نه ٿيڻ جا سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا. ان کانپوءِ هن ميرپور ڊويزن جي ڪجهه پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن ۾ موجود تضادن جي نشاندهي ڪئي.
هن چيو، “ايل اي-12 جي پولنگ اسٽيشن نمبر 15 تي ڪل رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 785 هو. انهن مان مسلم ليگ (ن) جي اميدوار کي 639 ووٽ مليا، جڏهن ته اسان جي اميدوار کي رڳو 12 ووٽ مليا، پر نتيجن موجب لڳي ٿو ته سڀئي رجسٽرڊ ووٽ ڪاسٽ ٿيا.”
هن نشاندهي ڪئي ته اها پولنگ اسٽيشن چرهوئي (Charhoi) ۾ آهي، جتي سندس دعويٰ موجب گهٽ ۾ گهٽ 25 سيڪڙو ماڻهو پرڏيهه ۾ رهن ٿا. هن سوال ڪيو ته پوءِ هر رجسٽرڊ ووٽر ووٽ وجهڻ لاءِ ڪيئن پهتو؟
هن چيو ته ڪجهه پولنگ اسٽيشنن تي ووٽرن جي شرڪت 99 سيڪڙو تائين ظاهر ڪئي وئي آهي. ان تي هن تبصرو ڪندي چيو، “اهو تڏهن ئي ٿي سگهي ٿو جڏهن توهان پاڻ ويهي بيلٽ پيپرن تي ٺپا هڻي رهيا هجو.”
هن چيو، “اها ناانصافي جي ڪهاڻي آهي، جيڪا مان توهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو.” هن مسلم ليگ (ن) جي قيادت کي اپيل ڪئي ته هو آزاد ڪشمير وڃي ماڻهن سان ڳالهائي.
هن خبردار ڪيو ته، “جيڪڏهن اسان سڀ ڪجهه لڪائڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته پوءِ ماڻهن جو چونڊ عمل تان اعتماد ختم ٿي ويندو.”
راجا پرويز اشرف آزاد ڪشمير جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته هو هن معاملي تي ڌيان ڏين ۽ سوال ڪيو ته آزاد ڪشمير ۾ ووٽرن جي مجموعي شرڪت اوچتو ايتري وڏي حد تائين ڪيئن وڌي وئي؟
هن چيو، “توهان يقيني بڻايو ته پيپلز پارٽي هارائي وڃي، ۽ ان لاءِ گهڻي رٿابندي ڪئي وئي، پر جڏهن اهڙا قدم کنيا ويندا آهن ته انهن جا نشان ضرور رهجي ويندا آهن.”
هن آزاد ڪشمير جي چيف اليڪشن ڪمشنر، رٽائرڊ جسٽس غلام مصطفيٰ مغل، کي اپيل ڪئي ته هو پيش ڪيل ثبوتن بابت جلد فيصلو ڪن.
هن چيو، “اڄ ٽيون ڏينهن آهي، ۽ جڏهن اسان جون شڪايتون اچڻ شروع ٿيون هيون، تڏهن ئي توهان کي اهو عمل روڪي ڇڏڻ گهرجي ها.”
ٻئي پاسي پنجاب جي اطلاعات واري وزير اعظميٰ بخاري پيپلز پارٽي جي ڌانڌلي جا الزام رد ڪندي چيو ته ڪالهه بلاول ڀٽو ڪنهن جو ڳلو پڪڙيو هو پوءِ سڄي رات پير پڪڙيو ويٺو هو.
ياد رهي ته بلاول چيو هو ته رياست جي مفاد تي مسلم ليگ (ن) جي مفاد کي اسين ترجيح نه ڏينداسين ۽ آزاد ڪشمير کي والاريل ڪشمير بڻجڻ نه ڏينداسين. هن ٽرٿ اينڊ ريڪنسيلئيشن ڪميشن قائم ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو هو.










