پي پي پاران ٿيليسيميا جي مريضن لاءِ بلڊ ڪئمپ قائم

پي پي پاران ٿيليسيميا جي مريضن لاءِ بلڊ ڪئمپ قائم

سڪرنڊ ( رپورٽ راج ڪماراوڏ)پاڪستان پيپلز پارٽي تعلقه سڪرنڊ طرفان پارٽيء جِي مرڪزي قيادت جي حڪم تي ٿيليسميا جي مريض ٻارڙن لاء تعلقه اسپتال سڪرنڊ ۾ بلڊ ڊونيشن ڪئمپ جو اهتمام ڪيو ويو . پ پ پ جي سوين ڪارڪنن ۽ ورڪرن تعلقه اسپتال سڪرنڊ ۾ لڳل ڪئمپ تي پهچي رت جو عطيو ڏنو . ان موقعي پ پ پ جي ضلعي صدر علي اڪبر جمالي ، ضلعي جنرل سيڪريٽري غلام شاه لغاري ، تعلقه جنرل سيڪريٽري سيد علي حيدر شاه ، پ پ سنڌ ڪائونسل جو ميمبر حاجي الھ بخش  لاکو ، جوائنٽ سيڪريٽري علي نواز چانڊيو ، علي گل جلباڻي ، عبد الرشيد ڪيريو ، عطا محمد سيال چيو ته ٿيليسميا ڪيئر سينٽر نوابشاه ۾ 2300 ٻارڙا داخل آھن جيڪي رت جي عطئي جي سهاري تي زنده آهن . هنن چيو ته 27 ڊسمبر 2020ع تي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي آهي ۽ کيس ڀيٽا ڏيڻ لاء  پ پ پ جي اعلٰى قيادت جي حڪم تي شهيد راڻيءَ سان محبت ڪندڙ سوين ڪارڪن ۽ ورڪر ٿيليسميا جي مريض ٻارڙن کي رت جو عطيو ڏئي انهن جي سهائتا ڪري رهيا آهن . هنن ڪارڪنن کي اپيل ڪندي چيو ته وڌ کان وڌ رت ڏئي ٻارڙن جون حياتيون بچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ڇو ته جنهن هڪ انسان جي حياتي بچائي ، ان پوري انسانيت کي بچايو ۽ ھنن معصوم ٻارڙن جون دعائون روزِمحشر توهان ۽ اسان جي ڇوٽڪاري جو سبب بڻبيون . بلڊ ڊونيشن ڪئمپ تي پ پ پ جي ورڪرن کانسواء شهرين ۽ پسگردائيءَ جي ماڻھن پڻ رت جو عطيو جمع ڪرايو . آخر ۾ رت جو عطيو جمع ڪرائيندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا ان کان اڳ ٿيليسميا ڪيئر سينٽر جي سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سيال، پ پ پ جي تعلقه صدر ڊاڪٽر بشير احمد جمالي ۽ نوراحمد لاکو ڪيمپ جو افتتاح ڪيو .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو