ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي 31 ڊسمبر تائين استعيفائون جمع ڪرائڻ ۽ پي دي ايم جي ٺهراءَ جي توثيق ڪري ڇڏي آهي. بلاول هائوس ڪراچي جي لان ۾ اوپن ايئر ٿيل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن بابت بريفنگ ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن حڪومت کي اسمبلين ۾ چيلينج ڪرڻ گهرجي، سينيٽ اليڪشن ۾ مقابلو ڪرڻ گهرجي ۽ پي ڊي ايم گڏيل طور تي سينيٽ چونڊ ۾ مقابلو ڪيو ته اها ڪاميابي هوندي. هي ناجائز، غير قانوني ۽ سليڪٽڊ حڪومت آهي ان کي هٽائي حقيقي جمهوريت قائم ڪنداسين. هن چيو ته تڪراري آدمشماري جي ڪابينا کان غير قانوني منظوري ورتي وئي آهي.

اسين سينيٽ اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جي تجويز پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس ۾ رکنداسين. اجلاس ۾ گلگت چونڊ ۾ ڌانڌلين جي مذمت ڪئي وئي. بلوچستان ۽ سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي قبضي خلاف مزاحمت ڪنداسين ۽ هم خيال جماعتن سان گڏجي مزاحمت ڪنداسين. هن چيو ته اسٽيل ملز ۽ پي آءِ اي ۾ ٿيندڙ ناانصافين خلاف مزدور ليڊرن سان رابطا ڪري سندن ساٿ ڏينداسين. هن چيو ته اسانجي پارٽي چاهي ٿي ته سينيٽ چونڊ ۾ حصو وٺجي اها راءِ پي ڊي ايم ۾ پيش ڪبي ۽ حتمي فيصلو پي ڊي ايم ڪندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اسمبلين تان استعيفائن جي مخالفت ڪندي سينيٽ اليڪشن ۾ حصو وٺن جو فيصلو ڪيو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرادي جي گڏيل صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي ميمبرن چيو ته ميان نواز شريف جيڪڏهن وطن اچي پي ڊي ايم جي قيادت ڪري ته پوءِ استعيفائن تي سوچي سگهجي ٿو. اجلاس ۾ چيو ويو ته پي ڊي ايم کي هارين، مزدورن، وڪيلن ۽ شاگردن سان رابطا ڪري کين گڏ کڻي هلڻ گهرجي. مريم نواز چيو ته ذريعن جي حوالي سان خبرن تي مان تبصرو نه ڪندس جيسين پيپلز پارٽي پاڻ اعلان نه ڪندي. تيسين ان بابت تبصرو نه ڪندس.










