هيوسٽن(پ ر) آمريڪي رياست ٽيڪساس جي مک شهر هيوسٽن ۾ پي پي اڳواڻ 7 سنڌ اسمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر سهراب سرڪي جي مان ۾ پاڪستاني ۽ خاص ڪري سنڌي ڪميونٽي پاران آجياڻو ڏنو ويو. هيوسٽن جي مشهور انڊين ۽ پاڪستاني کاڌن جي حوالي سان مشهور مقامي هوٽل تي ڊنر جو به اهتمام ڪيو ويو. جنهن ۾ اسد شيخ، ڪاشف سومرو، سجاد مهر، فيصل ميمڻ، امير ارسلان ملڪ، فهد جوڻيجو، بهادر جوڻيجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر سهراب سرڪي سنڌي ڪميونٽي پاران ڏنل آجياڻي تي شڪريو ادا ڪيو.










