ايم پي اي قتل ڪيس ۾ 4 جوابدار گرفتار، 3 ڏينهن سوڳ

ايم پي اي قتل ڪيس ۾ 4 جوابدار گرفتار، 3 ڏينهن سوڳ

نوشهروفيروز(مشتاق حسين مري) ايس ايس پي نوشهروفيروز فاروق احمد صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو آهي ته پيپلز پارٽي جي مقتول ايم پي اي ڊاڪٽر شهناز انصاري جي قتل ۾ ملوث عورت سلميٰ کوکر، يوسي چيئرمين صديق کوکر ۽ سندن ٻن پٽن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته مُک جوابدار وقار کوکر ۽ ٻين جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري آهن. هوڏانهن پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي قيادت طرفان ايم پي اي شهناز انصاري جي تدفين بعد 3 ڏينهن جو سوڳ جڏهن ته پيپلزپارٽي ضلعي نوشهروفيروز جي صدر فيروز احمد خان جمالي پاران 7 ڏينهن سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. انصاري هائوس تي مرحومه جي مڙس ڊاڪٽر عبدالحميد انصاري ۽ سندن پٽن سان تعزيت جو سلسلو هلندڙ آهي. آچر تي صبح جو سندس جنازي نماز مدرسه اينڊ هاءِ اسڪول نوشهروفيروز جي گرائونڊ تي ادا ڪئي وئي جنهن ۾ ايم پي اي ممتاز چانڊيو , ايم پي اي سيد سرفراز شاهه , اڳوڻو صوبائي وزير ضياء الحسن لنجار , عاجز ڌامراهه , ضلعي صدر فيروز جمالي سميت هزارين سياسي و سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين شرڪت ڪئي ۽ سندس مڙهه هزارين آلين اکين سان درگاهه سيد اسماعيل شاهه جي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو آهي جڏهن ته نوشهروفيروز پوليس انتظاميه ايم پي اي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ناهي سگهي. ڪالهه دريا خان مري مان ارباب مـري ٻڌايو هو ته ڳوٺ مراد کوکر ۾ مرحوم ڊاڪٽر زاھد کوکر جي چاليھي دوران کوکر برادري ۽ انصارين ۾ جھيڙو ٿي پيو هو ،جھيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب پيپلزپارٽي ايم پي اي ڊاڪٽر شھناز انصاري کي 3 گوليون لڳيون جنهن کي سخت زخمي حالت ۾ نواب شاھ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جا تاب نه سھندي هوءَ فوت ٿي وئي. واقعي کان پوءِ جوابدار ڌريون پنهنجا گهر خالي ڪري فرار ٿي ويون آهن. آخري اطلاعن تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگهي هئي. ٻڌايو پيو وڃي ته پ پ ايم پي اي شهناز انصاري جي ڀيڻ شبانه عرف بي بي جي کوکر برادري ۾ شادي ٿيل هئي سندس ڀيڻويو ڊاڪٽر زاهد کوکر 40 ڏينهن اڳ دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪري ويو هو ۽ اڄ سندس درياخان مري ڀرسان ڳوٺ مراد کوکر ۾ سندس چاليهو هو جتي کوکر برادري جي ماڻهن ايم پي اي شهناز انصاري وارن ڏانهن نياپو ڪيو هو ته اوهان جي ڀيڻ سان زميني تڪرار هلي رهيو آهي تنهن ڪري هتي ڪو به واقعو ٿي سگهي ٿو اوهان چاليهي تي نه اچو پر هوءَ پنهنجي ڀيڻوئي جي چاليهي تي پهتي جتي سندس ڀيڻوئي جي ڀائيٽي وقار کوکر فائرنگ ڪري ڏني.جنهن ۾ 5 گوليون پ پ ايم پي اي شهناز انصاري کي لڳيون ۽ هوءَ نواب شاھ اسپتال ۾ فوت ٿي وئي. پ پ ايم پي اي شهناز انصاري نوشهروفيروز مان 2 دفعا عورتن جي مخصوص سيٽن تي ايم پي اي مقرر ٿي. هوءَ ورڪر هجڻ سان گڏوگڏ پ پ ليڊيز ونگ جي صدر پڻ هئي . نوشهروفيروز جي مسئلن خاص ڪري اسپتال، تعليم جي مسئلن کي هن سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ۽ نوشهروفيروز ۾ ٿيندڙ احتجاجن ۾ چونڊيل نمائنده هجڻ باوجود شامل رهندي هئي. ٻڌايو پيو وڃي ته هن پنهنجي زندگي دوران ڊي سي، ايس ايس پي نوشهروفيروز سميت اعليٰ اختيارين ڏانهن هڪ ليٽر پڻ لکيو هو ته سندس زندگي کي خطرو آهي مان جيڪڏهن قتل ٿي وڃان ته ان ۾ ڦلاڻا ماڻهو ملوث هوندا. ان سلسلي ۾ جڏهن ايم پي اي شهناز انصاري جي مڙس عبدالحميد انصاري سان رابطو ڪيو ويو ته هن ٻڌايو ته تحفظ لاءِ مان ڊي سي ۽ ايس ايس پي نوشهروفيروز کي درخواستون ڏنيون پر ان باوجود انتظاميه سندس سيڪيورٽي لاءِ ڪي به قدم نه کنيا اڄ مون سان وڏو ظلم ٿيو آهي. ايس ايس پي نوشھروفيروز ٻڌايو ته شھناز انصاري جي ڀيڻ جو پنهنجي ڏير سان ملڪيت جي معاملي تي تڪرار ھلندڙ ھيو چاليھي جي موقعي تي جوابدارن کيس گوليون ھڻي قتل ڪيو ايس ايس پي نوشھروفيروز چيو ته ڇاپا هڻون پيا ناڪا بندي به ڪئي آهي ۽ جلد قاتل گرفتار ڪيا ويندا. هوڏانهن بلاول ڀٽو سخت افسوس ظاهر ڪندي سندس پونئرن سان ڏک ونڊيندي سندس قاتلن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي. هن چيو ته شهناز پارٽي جي سچي ورڪر ۽ هڪ اثاثو هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو