پي ٽي آئي ۽ حڪومت جون ڳالهيون ختم ٿي ويون: شيرين مزاري

پي ٽي آئي ۽ حڪومت جون ڳالهيون ختم ٿي ويون: شيرين مزاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شيرين مزاري چيو آهي ته حڪومت سان ڳالهه ٻولهه کان پوءِ شاهه محمود قريسي اعلان ڪيو آهي ته ڌريون اسيمبلين جي تحليل ۽ چونڊن جي تاريخ مقرر ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويون جيتوڻيڪ ڳالهيون ختم ٿي ويون آهن شيرين مزاري هڪ ٽوئٽ ۾ چيو ته ميڊيا ڄاڻي واڻي حڪومت سان ڳالهين ۾ پي ٽي آئي جي پوزيشن خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا ناڪام ٿي وئي هن چيو ته ڳالهين ۾ اسان جو موقف اهو هو ته جيڪڏهن 14 مئي تائين قومي ۽ ٻيون ٻه صوبائي سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبليون ٽوڙيون وڃن ٿيون ته اسان هڪ ئي ڏينهن عام چوندون ڪرائڻ تي راضي آهيون جڏهن ته پي ڊي ايم ان تي راضي نه ٿي اڳوني وزير چيو ته شاهه محمود قريشي اعلان ڪيو هو ته ڌريون اسيمبليون ٽوڙڻ ۽ اليڪشن جي لاءِ تاريخ مقرر ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويون جيتوڻيڪ هاڻي ڳالهيون پنهنجي پڄاڻي تي پهچي ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو