لاهور (بيورو رپورٽ): ملڪ جي سياسي افق تي هڪ وڏي تبديلي سامهون آئي آهي، جتي پاڪستان تحريڪ انصاف (PTI) ۽ جمعيت علماءِ اسلام (JUI-F) جي وچ ۾ گڏيل تعاون جي هڪ جامع حڪمت عملي طئي ٿي وئي آهي. ذريعن موجب ٻنهي جماعتن پارليمان (ايوان) جي اندر گڏيل حڪمت عملي تحت هلڻ تي مڪمل اتفاق ڪري ورتو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته هن نئين سياسي معاهدي تحت پارليامينٽ جي اندر موجوده حڪومت کي سخت ٽَف ٽائيم ڏنو ويندو، جڏهن ته ايندڙ سيمسٽر/ سيشن دوران حڪومت پاران کنيل عوام دشمن قدمن ۽ قانون سازي خلاف ٻئي پارٽيون گڏجي ڀرپور احتجاج ڪنديون.سياسي ذريعن وڌيڪ انڪشاف ڪيو آهي ته پارليمان جي اندر گڏيل حڪمت عملي تي عمل ڪرڻ کانپوءِ، ايوان کان ٻاهر يعني عوامي سطح تي پڻ گڏيل اتحاد قائم ڪرڻ لاءِ ڳالهين جي سلسلي کي وڌيڪ تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ۾ پي ٽي آئي جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر جي سربراهي ۾ تحريڪ انصاف جي هڪ اعليٰ سطحي وفد جي يو آئي جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائشگاهه تي هڪ انتهائي اهم ملاقات ڪئي هئي. ان ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ حڪومتي پاليسين تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي هئي، جنهن کانپوءِ اڄ ٻنهي پارٽين ماضي جا اختلاف وساري ملڪي مفاد ۽ حڪومت کي ٽَف ٽائيم ڏيڻ لاءِ گڏجي هلڻ جي فيصلي تي آخري مهر هڻي ڇڏي آهي. هن نئين سياسي ڳنڍڇوڙ بعد حڪومتي حلقن ۾ پڻ سس پس شروع ٿي وئي آهي.










