پي ٽي آئي وفد جي ملاقات،اسپيڪر واپسي کان ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو

پي ٽي آئي وفد جي ملاقات،اسپيڪر واپسي کان ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو

پي ٽي آءِ اڳواڻن قومي اسيمبلي اسپيڪر راجا پرويز اشرف سان ملاقات ڪئي، پي ٽي آءِ وفد ۾ عامر ڊوگر، ڪنول شوزب، ساجدا بيگم، عامر ڪياني، عاصمه حديد، امجد نيازي، ظل هما، شوڪت علي ڀٽي، فيض الله، خرم شهزاد ۽ طاهر صادق شامل هئا.قومي اسيمبلي جي جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب ملاقات ۾ استعيفائن جي منظوري تي ڳالهه ٿي ۽ پي ٽي آءِ وفد استعيفائن جي منظوري جا قدم واپس وٺڻ جي اپيل ڪئي.قومي اسيمبلي اسپيڪر جواب ڏنو ته قانون ۽ آئين ۽ قومي اسيمبلي جي ضابطن تحت استعيفائون منظور ڪري چڪو آهيان، هر هر خط موڪلڻ باوجود پي ٽي آءِ جو ڪو ميمبر حاضر نه ٿيو، اسد قيصر ۽ عامر ڊوگر جي سربراهي ۾ آيل وفد کانپوءِ استعيفائون قبول ڪرڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو هو.هن چيو ته اسد قيصر جي سربراهي ۾ آيل وفد استعيفائون منظور ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي، مان آئين، قانون ۽ قومي اسيمبلي جي ضابطن جو پابند آهيان، ڇا ميمبرن استعيفائون پنهنجي مرضيءَ موجب نه ڏنيون هيون؟

پهنجو تبصرو موڪليو