اسلام آباد(بيورو)وفاقي ڪابينا تحريڪ عدم اعتماد تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي تاريخي قرار ڏيندي پي ٽي آءِ قيادت خلاف غداري جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ آءِ ايم ايف سان ٿيل معاهدي ۽ بي اعتمادي تي سپريم ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي تي غور ڪيو ويو. ڪابينا سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي تاريخي قرار ڏيندي چيو ته ان فيصلي سان آئين جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويو آهي. ان کانپوءِ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا غداري ڪيس جي جاچ لاءِ قانون واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ڪميٽي ۾ اطلاعات وارو وزير قمر زمان ڪائره ۽ اتحادي پارٽين مان هڪ هڪ ميمبر شامل هوندو.. پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي بابت ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته اڳوڻي حڪومت اسان لاءِ بارودي سرنگون وڇايون حڪومت دل تي پٿر رکي پيٽروليم شين جا اگهه وڌائي ڇڏيا پر جيئن عالمي سطح تي پيٽرول جون قيمتون گهٽ ٿينديون ته عوام کي رليف فراهم ڪنداسين.. مريم اورنگزيب چيو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ آءِ ايم ايف سان معاهدي ۾ ناڻي واري وزارت ۽ پرڏيهي وزير جي ڪردار کي ساراهيو ويو، وفاقي ڪابينا جو موقف آهي ته ملڪ تڏهن ئي ترقي ڪندو جڏهن معيشت بهتر ٿيندي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير اهو به چيو ته ڪابينا گهرو وزارت جي سفارش تي پرڏيهين لاءِ معافي جي منظوري به ڏني هئي.










