پي ٽي آءِ ڪراچي جي صدر پاران پارٽي ڇڏڻ جو اعلان

پي ٽي آءِ ڪراچي جي صدر پاران پارٽي ڇڏڻ جو اعلان

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف ڪراچي جي صدر اڪرم چيمه پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اڪرم چيمه تحريڪ انصاف جي رڪنيت ۽ عهدو ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته جيڪو سپاهي حفاظت تي مقرر آهي ان کي ڊي موريلائز ڪرڻ جي ڪوشش هئي فورسز ئي آهي جنهن ڪراچي ۽ ملڪ ۾ امن امان قائم ڪيو. اڪرم چيمه چيو ته سموري قوم جو مطالبو آهي ته 9 مئي جي ڏوهارين کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. ڪراچي ۽ ملڪ جي خدمت لاءِ سياست ڪندا رهنداسين. اڳوڻي پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته ننڍپڻ کان ٻڌندا پيا اچون ته ملڪ نازڪ موڙ تان گذري رهيو آهي. هاڻ اسان هن ملڪ کي نازڪ موڙ کان اڳيان کڻي وينداسين. پريس ڪانفرنس ڪندي اڪرم چيمه چيو ته 9 مئي تي پاڪستان جي ڪاميابين کي عبرت جو نشانو بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ڪور ڪمانڊر هائوس کي ساڙي راک ڪيو ويو. جي ايڇ ڪيو سڄي دنيا لاءِ هيبت جو نشان آهي ان تي به حملو ڪيو ويو. ايم ايم عالم جو جهاز ساڙي ڪهڙو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي؟

پهنجو تبصرو موڪليو