پي ٽي آءِ کي جلسي ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار

پي ٽي آءِ کي جلسي ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) وفاقي راڄڌاني اسلام آباد جي انتظاميا اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي جماعت پاڪستان تحريڪ کي شهر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر جلسي جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هڪ خط ۾ ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد ان فيصلي جي مختلف سببن جو ذڪر ڪيو. تحريڪ انصاف جي قيادت کي ڏنل پيغام ۾ سندس چوڻ آهي ته شهر ۾ 60 کان وڌيڪ سفارتخانا، عالمي ادارن جون آفيسون آهن ۽ هتي ڪيترائي پرڏيهي رهن ٿا. هي ماڻهو روز چرپر ڪن ٿا، ان لاءِ شهر ۾ احتجاج ۽ ريليون پرڏيهين جي چرپر کي متاثر ڪري سگهن ٿيون. هن چيو ته روز پنج لک ماڻهو اسلام آباد ۾ ملازمت يا تعليم لاءِ سفر ڪن ٿا، احتجاج سندن بنيادي حق کان محروم ڪندو، ان لاءِ احتجاج جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو