اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف اسپيڪر اياز صادق سان ملاقات کان پوءِ پارليامينٽ جي ٻاهران بک هڙتالي ڪيمپ لڳائي ڇڏي.بک هڙتالي ڪيمپ ۾ چيئرمين پي ٽي آءِ بيرسٽر گوهر علي خان سميت پي ٽي آڳواڻ اسد قيصر ،علي محمد خان، فلڪ ناز چترالي ۽ ٻيا به موجود هئا.پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر علي پارليامينٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته خدشا هئا جيڪي اسپيڪر وٽ کڻي آيا هئاسين، بيرسٽر گوهر چيو ته اسان سان جيڪي زيادتيون ٿي رهيون آهن انهي تي خدشن جو اظهار ڪري رهيا آهيون.هن چيو ته غير آئيني ۽ قانوني ڪم ٿي رهيا آهن، اسان انهي ايوان جي بهتري لاءِ هتي ويٺل آهيون، بيرسٽر گوهر چيو ته اسان جا خدشا آهن هن ايوان ۾ تمام گهڻا اجنبي ماڻهو ويٺل آهن.هن چيو ته اسان جو علامتي احتجاج رات 8 وڳي تائن روزانو جاري رهندو. اسان جي احتجاج جو مقصد ناانصافي ۽ زيادتي ختم ڪرڻ ۽ پي ٽي آءِ باني کي آزادي ڏيارڻ آهي.










