پي ٽي آءِ پاران آمريڪا ۾ لابنگ فرم جو خدمتون وٺڻ جو انڪشاف

پي ٽي آءِ پاران آمريڪا ۾ لابنگ فرم جو خدمتون وٺڻ جو انڪشاف

اسلام آباد(بيورو) انڪشاف ٿيو آهي ته پي ٽي آءِ آمريڪا ۾ لابنگ فرم کي هائير ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ لابنگ فرم فينٽن اورلڪ کي 6 مهينن لاءِ 25 هزار ڊالر في مهيني جي حساب سان هائر ڪيو آهي ۽ معاهدي موجب اها ڪمپني پي ٽي آءِ کي پبلڪ رليشن سروس فراهم ڪندي.ان کان علاوه ڪمپني آرٽيڪل شايع ڪندي، پي ٽي آءِ جي نمائندن ۽ حمايتين سان ٽي وي انٽرويوز جو بندوبست ڪندي.وفاقي وزير احسن اقبال پي ٽي آءِ ۽ لابنگ ڪمپني وچ ۾ ٿيل معاهدي جا تفصيل پڌرا ڪري ڇڏيا.ٽوئيٽر تي تفصيل جاري ڪندي احسن اقبال پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪئي.وفاقي وزير چيو ته شرم نه ٿو اچي، عمران خان آمريڪا خلاف سازشي ٿيوريون ٺاهي قوم ۾ جوش پيدا ڪيو آهي، عمران خان معافي وٺي آمريڪا کان آيو آهي. احسن اقبال چيو ته عمران خان پهريان سفير موڪليو ۽ پوءِ پاڻ سفير کي گهرايو. ڪمپيوٽر به خراب آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو