پي ٽي آءِ جي ” رياست مخالف پروپئگنڊا“ جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو فيصلو

پي ٽي آءِ جي ” رياست مخالف پروپئگنڊا“ جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو فيصلو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) گهرو وزارت چيو آهي ته پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) رياست مخالف پروپئگنڊا ۾ ملوث آهي.گهرو وزارت جي ترجمان موجب، اسلام آباد پوليس پي ٽي آءِ جي ڪوآرڊينيٽر احمد وقاص جنجوعا کي گرفتار ڪري ورتو آهي.ترجمان موجب، شروعاتي جاچ ۽ ڊجيٽل مواد جي روشني ۾ ڇاپو هنيو ويو، ڇاپو پي ٽي آءِ جي ڊجيٽل ميڊيا وِنگ تي اسلام آباد پوليس ۽ ايف آءِ اي هنيو.ترجمان جو چوڻ آهي ته ڇاپي دوران پي ٽي آءِ جي ترجمان رئوف حسن کي گرفتار ڪيو ويو، پي ٽي آءِ رياست مخالف پروپئگنڊا ۾ ملوث آهي، ان معاملي تي جي آءِ ٽي جوڙي رهيا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو