پي ٽي آءِ جو قومي اسيمبلي اجلاسن جي بائيڪاٽ جو اعلان

پي ٽي آءِ جو قومي اسيمبلي اجلاسن جي بائيڪاٽ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته اڳتي اسان قومي اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت بدران احتجاج ڪندي بائيڪاٽ ڪنداسين. ٻين پارليامينٽ ميمبرن سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي بيرسٽر گوهر چيو ته اڄ تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ڪي پي هائوس ۾ ٿيو، ميمبرن کي پي ٽي آءِ باني جا حڪم پڙهي ٻڌايا ويا ۽ سڀني انهن کي درست قرار ڏنو، جڏهن ته اسان اڳتي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت بدران احتجاج ڪندي بائيڪاٽ ڪنداسين. هن چيو ته اسان جي قومي اسيمبلي ميمبرن کان مختلف بهانن سان سيٽون کسيون ويون، کين نااهل ڪيو ويو ۽ اسان کي ڳالهائڻ به نه ڏنو ويو، اسان اسيمبلي اجلاس ۾ پنهنجي مطالبن کي جمهوري انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو