ٽانڪ (ويب ڊيسڪ)جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي صدر مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو باني جيل ۾ آهي، ساڻس وڙهڻ مون کي مزو نه ايندو،ٽانڪ ۾ پنهنجي هڪ بيان ۾ مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جيڪڏهن اهو (پي ٽي آءِ جو باني) آزاد هجي ها ته ڏسان ها، اڄ ان تي ڳالهه نه ڪندس.هن وڌيڪ چيو ته اسان جي جنگ جاري رهندي، مان اڄ به پنهنجي نظريي تي قائم آهيان.مولانا فضل الرحمان چيو ته جميعت سياسي مخالفن خلاف تعصب جو مظاهرو نه ڪري رهي آهي.مولانا فضل الرحمان چيو ته هن حلقي ۾ ٻين مذهبن جا ماڻهو به رهن ٿا، اسان کي ٻين مذهبن جي حقن جو به خيال آهي.










