لنڊن(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته 24 نومبر تي پي ٽي آءِ پاران ڏنل احتجاج جو سڏ ملڪ کي ڊي ريل ڪرڻ جي ڪوشش آهي. نواز شريف پنهنجي ڌيءَ ۽ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز سان گڏ لنڊن کان وطن واپسي لاءِ ايون فيلڊ ايئرپورٽ پهتا، جتي روانگي کان اڳ هن ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو. نواز شريف چيو ته ڪوڙي پروپيگنڊا ڪندڙن کي ڪوڙو چيو ويندو، 24 نومبر تي احتجاج جو سڏ ملڪ کي پٽڙي تان لاهڻ جي ڪوشش آهي. هن وڌيڪ چيو ته احتجاج جو سڏ ڏيڻ وارا ڪامياب نه ٿيندا، انشاءَ الله. ياد رهي ته نواز شريف ۽ مريم نواز ڪجهه ڏينهن کان لنڊن ۾ رهي رهيا هئا، جنهن دوران ٻنهي ڪجهه ڏينهن سوئٽزرلينڊ ۾ به گذاريا. اهو به ياد رکڻ گهرجي ته پاڪستان تحريڪ انصاف 24 نومبر تي اسلام آباد ڏانهن مارچ جو سڏ ڏنو آهي ۽ ان حوالي سان خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته هن ڀيري هو ڪفن ٻڌي نڪرندا. جيستائين مطالبا تسليم نه ڪيا ويندا.










