پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر سيف جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ ريلي ۾ آمريڪي جهنڊو ڦڙڪائڻ کي رد ڪري ٿي.پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته واقعي جي جاچ جاري آهي، صوابي جلسي ۾ آمريڪي جهنڊو ڦڙڪائڻ وارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.بئريسٽر سيف جو چوڻ آهي ته وڏي وزير علي امين گنڊاپور صوابي جي جلسي ۾ آمريڪي جهنڊو ڦڙڪائڻ تي ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي.هن چيو ته صوابي جي جلسي ۾ آمريڪي جهنڊو ڦڙڪائڻ هڪ سوچيل سمجهيل منصوبو آهي، جعلي حڪومت جي ڪارڪنن سازش تحت آمريڪي جهنڊو ڦڙڪايو.










