لاهور (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ ۾ پارٽي ميمبرن کي پرويز الاهي کي ووٽ ڏيڻ تي تي پابند ڪري ڇڏيو آهي.پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر پي ٽي آءِ پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، جنهن ۾ ميمبرن کي پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ ۾ پارٽي جي اميدوار پرويز الاهي کي ووٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته پارٽي چيئرمين عمران خان پرويز الاهي کي وڏي وزير لاءِ نامزد ڪيو آهي، تنهن ڪري پارٽي جا سمورا ميمبر پرويز الاهي کي ووٽ ڏين.نوٽيس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اليڪشن واري ڏينهن غير حاضري يا پارٽي اميدوار خلاف ووٽ ڏيڻ تي آرٽيڪل 63 اي تحت ڪارروائي ڪئي ويندي، انحراف ڪندڙ ميمبرن خلاف ريفرنس داخل ڪيو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ حمزا شهباز سان گڏ مخالف ڌر جي ميمبرن جي پريس ڪانفرنس ۽ ملاقاتن جو رڪارڊ گڏ ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ايوان ۾ مخالف ڌر جي بينچن تي ويهڻ جون وڊيوز به رڪارڊ جو حصو بڻيل آهن.










