اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني گڏيل قومن ۾ توهين رسالت جي خلاف آواز بلند ڪيو.سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي فيصل جاويد چيو ته گڏيل قومن هاڻي اسلاموفوبيا خلاف ڏينهن ملهائي ٿي، جنهن لاءِ پي ٽي آءِ جي باني جدوجهد ڪئي، سينيٽر فيصل جاويد چيو ته ملڪ قائداعظم جي ڪوششن سان ٺاهيو ويو، اسان مذمت ڪريون ٿا ته آزادي جي ڏينهن جي اشتهار ۾ قائداعظم جي نه پر سڄي ٽٻر جي تصوير هئي، اسان ايوان ۾ قائداعظم جي تصوير کڻي آيا آهيون.هن چيو ته پي ٽي آءِ جو باني حقيقي آزادي جي ڳالهه ڪري ٿو، حڪومت جو قدم شرمناڪ آهي، اسان وضاحت چاهيون ٿا ته قائداعظم کي اشتهار مان ڇو هٽايو ويو، چيئرمين سينيٽ توهان کان وضاحت طلب ڪرڻ گهرجي، اشتهار ٽيڪس ڏيندڙن جي پئسن سان ٺاهيو ويو هو.










