اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پوليس تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر کي گرفتار ڪري ورتو.موجب پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان گرفتار ڪيو ويو.پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر ۽ شاهه محمود قريشي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي، جنهن ۾ استدعا ڪئي وئي ته کين عمران خان سان ملاقات جي اجازت ناهي ڏني پئي وڃي.اسد عمر اها درخواست کڻي چيف جسٽس جي ڪمري ۾ ويو، جنهن کانپوءِ هو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي ويجهو لائبريري پهتو، جتان اسلام آباد پوليس جي دهشتگردي ٽوڙ اسڪواڊ اسد عمر کي گرفتار ڪري ورتو.ان موقعي تي تحريڪ انصاف جي وڪيلن اسد عمر جي گرفتاري خلاف مزاحمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي فورسز ۽ وڪيلن ۾ جهيڙو شروع ٿي ويو ۽ اهلڪارن اسد عمر کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته اسد عمر کي 16 ايم پي او تحت گرفتار ڪيو ويو آهي.










