اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي انٽرا پارٽي چونڊن جو باضابطا شيڊول جاري ڪيو ويو آهي.پي ٽي آءِ جون انٽرا پارٽي چونڊون 5 فيبروري تي ٿينديون.تحريڪ انصاف جي وفاقي اليڪشن ڪمشنر رئوف حسن انٽرا پارٽي چونڊن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو.واضح رهي ته گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ جي باني کي سزا ٻڌائڻ کانپوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف چونڊن لاءِ پلان سي کڻي آيو هو.پي ٽي آءِ هڪ هفتي اندر پارٽي چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان حوالي سان رئوف حسن کي تحريڪ انصاف جو وفاقي چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪيو ويو آهي.پي ٽي آءِ جي چيف آرگنائيزر عمر ايوب رئوف حسن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.










