پي اي سي پاران سپريم ڪورٽ جي بجيٽ جي آڊٽ جو حڪم

پي اي سي پاران سپريم ڪورٽ جي بجيٽ جي آڊٽ جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) سپريم ڪورٽ جي بجيٽ جي آڊٽ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.پي اي سي هڪ مهيني ۾ اعليٰ عدليا جي ججن جي پگهارن، مراعتن ۽ پلاٽن جا تفصيل به طلب ڪيا آهن.ان کان اڳ پي اي سي اعليٰ عدليا جي مراعتن جي حوالي سان رپورٽ گهري هئي، جنهن تي آڊيٽر جنرل ٻڌايو ته کين رڪارڊ تائين پهچ نه پئي ملي.اڄوڪي اجلاس ۾ اهو معاملو ٻيهر اٿاريو ويو ۽ پي اي سي چيئرمين هڪ مهيني ۾ اعليٰ عدليا جي ججن جي پگهارن، مراعتن ۽ پلاٽن جا تفصيل طلب ڪيا.

پهنجو تبصرو موڪليو