اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي ۾ هائر ايجوڪيشن ڪميشن انڪشاف ڪيو آهي ته سرڪاري خرچ تي پرڏيهه مان پي ايڇ ڊي لاءِ ويل 82 اسڪالر واپس وطن ئي نه آيا آهن. مٿن ساڍا پنجانوي ڪروڙ خرچ ڪيا ويا. ڪميشن سندن خلاف ڪيس داخل ڪيا آهن ۽ هاڻي فيصلو ڪيو آهي ته ڪنهن کي به زمين يا گهر گروي رکڻ بعد موڪلينداسين. نور عالم خان جي سربراهي ۾ ٿيل اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 52 اسڪالرز کي مختلف يونيورسٽيز فيل ڪري ڇڏيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پرڏيهه پڙهڻ لاءِ ويلن مان رڳو هڪ اميدوار خرچ جي رقم واپس ڪئي آهي.










