پي ايس ايل ،ڪولن منرو نئون رڪارڊ قائم ڪري وررتو

پي ايس ايل ،ڪولن منرو نئون رڪارڊ قائم ڪري وررتو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ٽاپ آرڊر بيٽسمين ڪولن منرو پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) سيزن 10 جي افتتاحي ميچ ۾ هڪ نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.جمعي ڏينهن پي ايس ايل جي افتتاحي ميچ ۾ دفاعي چيمپيئن اسلام آباد يونائيٽيڊ لاهور قلندرز کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.راولپنڊي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾، اسلام آباد يونائيٽيڊ لاهور قلندرز جو 140 رنسن جو هدف 18 هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو.جارحاڻي بيٽسمين ڪولن منرو 42 بالن تي 59 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي اسلام آباد يونائيٽيڊ کي قلندرز خلاف فتح ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.هن ففٽي سان، کاٻي هٿ جي بيٽسمين ڪولن منرو ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي اڳوڻي ڪپتان رائلي روسو جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو