ڪراچي (رپورٽر) قومي ايئر لائن پي آئي اي جا يورپي ملڪن ۾ اڏامن کي بحال ڪرڻ لاءِ پاڪستان سول ايويئيشن اٿارٽي قدم تيز ڪري ڇڏيا آهن تفصيل مطابق صرف پاڪستان سول ايويئيشن اٿارٽي يورپي ڪميشن ۽ اياسا سان رابطو ڪيو آهي ان حوالي سان ذريعن ٻڌايو ته پاڪستان سي اي اي عملدارن جي يورپي يونين عملدارن سان 8 ڪلاڪ ڊگهو آن لائن اجلاس ٿيو جنهن ۾ يورپي يونين عملدارن هن وقت تائين کڄندڙ قدمن تي سوال ڪيا يورپي ڪميشن ۽ اياسا عملدارن لائسنسنگ، اور سائيٽ، رجسٽريشن معاملن تي سوال ڪيا ذريعن مطابق سي اي اي عملدارن يورپي عملدارن کي قدمن بابت بريفنگ ڏني ۽ ڊائريڪٽر لائسنسنگ ۽ ٻين شعبن تي قدمن کان آگاهه ڪيو. ذريعن ٻڌايو ته سي اي اي جو لاڳاپيل وفد برسلز ۾ يورپي عملدارن کي ون آن ون بريفنگ ڏيندو قدمن سان مطمئن ٿيڻ تي يورپين ايويئيشن سيفٽي ايجنسي پاڪستان جو دورو ڪندي.










