اي اي عباسي
پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون دفعو هڪ ٻئي جي سخت ۽ ڪٽر مخالف سياسي پارٽين پاڪستان مسلم ليگ نواز ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي دل جگر تي پٿر رکي به هڪ جاءِ تي ويهي پنهنجي مخالف پاڪستان تحريڪ انصاف ( پي ٽي آءِ) کي مات ڏيڻ لاءِ ٻڌي ايڪي ذريعي اقتدار جي ڪرسي تي ويهجي ويا آهن، نه چاهيندي يا چاهيندي ، دل سان يا بي دلو پر ٻئي پارٽيون پ پ ۽ ن ليگ هاڻي ٻئي اقتدار جا ڀاڱي ڀائيوار بڻجي ويا آهن. اڳيان پاڪستان تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان جنهن ڏينهن کان اقتدار مان لٿو آهي انهيءَ ڏينهن کان وٺي انهيءَ جا سياسي جلسا، ريليون ميڙ ميڙاڪا سڀ ائين جاري آهن ڄڻ ته سڀاڻي اليڪشن هجي ۽ هو اليڪشن ۾ مهم ۾ پنهنجا جلسا ڪري رهيو هي، جڏهن ته انهي کي پوڻا چار سال جو ايڏو سارو وڏو پيرڊ مليو پر هو پهريان 90 ڏينهن ۾ پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڳالهه ڪندي، يوٽرن وٺي ويو ۽ پوءِ هڪ ڪروڙ بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون ڏيڻ، بجلي سستي ڪرڻ، لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ، 50 لک گهر غريبن ۾ ورهائڻ سميت الائي ڪيڏيون ڳالهيون ڪندو رهيو پر عملي طرح هڪ ڳالهه تي به گامزن نه رهيو، مهانگائيءَ کي اتي پهچايو جنهن جو تصور ڪرڻ به محال آهي، بهرحال هاڻي جڏهن پاڪستان مسلم ليگ نواز ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي مشترڪه گڏيل حڪومت بڻي آهي، جنهن ۾ پاڪستان مسلم ليگ نواز جي سربراهه ميان نواز شريف جي ڀاءَ اڳوڻي پنجاب جي وزير اعليٰ شهباز شريف کي ملڪ جو نئون وزير اعظم چونڊيو ويو آهي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ءَ کي پرڏيهي وزير بڻايو ويو، اهڙي طرح ن ليگ ۽ پ پ جا اڪثريتي وزير سيد خورشيد شاهه، حنا رباني کر، شازيه عطا مري، نويد قمر زمان، شيري رحمان ۽ ٻيا کنيا ويا آهن ۽ انهن ۾ ٻين جماعتن متحدهه قومي موومينٽ، جمعيت علماءِ اسلام، نوابزادهه شاهه زين بگٽي توڙي ٻيا کڻي ن ليگ ۽ پ پ جي نئين حڪومت ٺاهي وئي آهي،جنهن کان رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني ۾ ئي انهن وزيرن شڪراني جي طور ٻنهي پارٽين جا سربراهه شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري هڪ وڏي وفد جي صورت ۾ عمرهه شريف جي سعادت حاصل ڪئي جتي جيڪو واقعو رونما ٿيو انهي تي پوري دنيا ۾ پاڪستان جو مورال ڪافي پوئتي ٿيڻ لڳو ۽ دنيا چيو ته هيءُ ڪهڙا مسلمان آهن جيڪي پنهنجي آقا و مولا حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله واصحابه وسلم جي دربار عاليه مقدس وٽ نعري بازي ڪري سياسي ڊرامي بزي ڪري دنيا جي ڪروڙين مسلمانن جي دل آزاري ڪئي، جتي فرشتا به ادب احترام سان پيش اچن ٿا، جتي ساهه به آهستي آرام ۽ سڪون سان کنيو ويندو آهي جتي شنهشاهن جا شنهشاهه به نياز، نوڙت، عاجزي انڪساري، ادب احترام ۽ انتهائي لحاظ سان صلوات وسلام پڙهندي حاضري ڏني ويندي آهي ۽ اتي جيڪا شيخ رشيد شيدا ٽلي گروپ پنهنجي ٻاراڻي بلڪ گهٽيا حرڪت ڪري پنهنجي لاءِ دنيا آخرت ۾ وبال ڪري ڇڏيو، جيڪي بظاهر “ رياست مدينه ” جي ڳالهه ڪري عاشقان رسول صلي الله عليه وآله واصحابه وسلم مٿان هٿيارن جا منهن کولي قاديانيت کي خوش ڪيو ويو ۽ اهڙي طرح 40 کان وڌيڪ عشاقان رسول شهيد ڪيا ويا. سفاڪي، درندگي، وحشي پڻي سان ڪڏهن به حڪومتون قائم نٿيون ڪري سگهجن، پ پ پ ۽ نواز ليگ حڪومت هاڻي پنهنجي رويه ۾ جيڪا ڊگهي سياسي ويڙهه ۽ سياسي تجربن بعد بهتري آڻي جيڪا مفاهمت ڪئي آهي اها عارضي نه پر مستقل بنيادن تي هجڻ گهرجي ۽ اها انهن سمورين ن ليگ ۽ پ پ سميت سڀني لاءِ وڏو چئلينج به آهي ته اهي سوا سال يا ڏيڍ سال جي مختصر پيرڊ ۾ ڪيئن ٿا ملڪي سسٽم ، ڪاروهنوار هلائين؟، ڪهڙي طرح ٿا عوام کي ريليف ڏين، ڪهڙي طرح ٿا سنڌ صوبي کي غير اعلانيل لوڊشيڊنگ مان هميشه لاءِ نجات ڏيارين، ڪهڙي طرح ٿا مهانگائيءَ جي نحوست مان عوام کي ڇوٽڪارو ڏيارين، ڪهڙي طرح ٿا عوام کي بک، بيروزگاري، افلاس، تنگدستي، غربت، لاقانونيت، دهشتگرديءَ مان نجات ڏيارين، عوام جون وڏيون توقعات آهن هن موجودهه پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي گڏيل حڪومت مان ، ڇاڪاڻ ته عوام پوڻا چار سال رڳو ڪوڙ مٿان ڪوڙ رڪارڊ ڪوڙ جون جڙتو ڪهاڻيون ٻڌي بيزار ٿي ويو آهي، ملڪ جو خاص ڪري سنڌ جو عوام بري خبرون ٻڌي ٻڌي ٿڪجي پيو آهي، سٺي ۽ ڀلي خبر لاءِ ترسجي ويو آهي، سنڌ جي عوام کي لوڊشيڊنگ مان نجات ملي ڄڻ وڏي ۾ وڏي ۽ ڀلي ۾ ڀلي خبر ملندي، سنڌ جي اندر روزمرهه جي شين جي استعمال وارين قيمتن تي “ڪنٽرول ريٽ لسٽ ” تي عملي طرح عمل ٿي مليو ڄڻ وڏي خوشخبري واري خبر ملندي، سنڌ جي پڙهيل لکيل تعليم يافته بيروزگارن کي روزگار نوڪريون مليون ڄڻ وي وي آءِ پي نيوز ملندي، سنڌ ڏکايل، سڪايل ۽ حقيقي همدرديءَ جي مستحق آهي، سنڌ سان ظلم زيادتين جو ازالو ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن ن ليگ ۽ پ پ واقعي ملڪ جي عوام سان سنجيده ۽ مخلص بڻجي وڃن ته پوءِ هيءُ ٻئي پارٽيون ايندڙ وقت ۾ مارڪو ماري سگهن ٿيون ۽ پي ٽي آءِ سميت چڱن ڀلن کي ڪيرائي سگهن ٿيون نه ته انهن جو به برو حشر ٿي سگهي ٿو ڇو جو عروج کان پوءِ زوال آهي، خدا تعاليٰ هنن ٻنهي پارٽين کي موقعو ڏنو آهي ته پوءِ اهي مخلصانه انداز ۾ انتقام وٺڻ بجاءِ سڀني سان انساني همدردانه رويو رکندي پنهنجي عوام پنهنجي ڌرتي واسين جي حقيقي خدمت ڪري سرخرو ٿي سگهن ٿا، جيڪي پنهنجي سياست ۾ عوام جي ووٽ جو قدر ڄاڻين ٿا ، اهي انسانيت جي خود داري کي به محسوس ڪرڻ ڄاڻين؟، 22 ڪروڙ کان مٿي ملڪ جو عوام ٻنهي پارٽين جي آسري سهاري ۽ انهن جي عملي خدمتن جي انتظار ۾ ويٺل آهي، حالتن جي ستم ظرفي اها رهي آهي ته هن ملڪ ۾ حقيقي خدمت گذار سياسي شخصيتن کي برداشت نه ڪيو ويندو آهي ۽ جيڪي مشڪري ٽائپ ۽ پتلي تماشو ڪندڙ ڊرامائي ڪردار هوندا آهن انهن کي تڪڙي سفارش تي اڳتي آندو ويندو آهي، جيڪا ملڪ لاءِ وڏي ٽريجڊي هوندي آهي، ملڪ ۾ تماشي جي نه پر حقيقي معنيٰ ۾ خدمت جي ضرورت آهي، ڪير هاڻي جلسا ڪري ٿو ڪير الزام لڳائي ٿو، موجودهه حڪومت انهي طرف توجهه ڏيڻ بجاءِ پنهنجي عملي خدمت طرف توجهه ڏيئي عوام کي ريليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ۽ مهانگائي تي مڪمل طرح ڪنٽرول ڪيو وڃي نه ته نفرت جي باهه سڀني کي لوڙهي سگهي ٿي. پي ٽي آءِ وارا هاڻي ڪيترا به جلسن جا شيڊيول ترتيب ڏين پر اهي ملڪ جي عوام وٽان نفرت جو شڪار ٿي چڪا آهن، انهن کي خدمت جو موقعو ڏنو ويو پر انهن فرح گوگيءَ ذريعي مال ڪمائڻ جي جيڪا ڪوشش ڪئي انهن لاءِ اها ئي وبال جان بڻجندي.










