ڪراچي (اسٽاف رپورٽر )پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ٽي آءِ لاءِ لازمي آهي ته هو هڪ سياسي پارٽي جي حيثيت سان پنهنجي حيثيت برقرار رکي ۽ دهشتگردي جي حمايت ڪندڙ گروپ ۾ تبديل نه ٿئي. “سندن اهڙو عمل پارٽي تي پابندي لڳڻ کان روڪڻ ۾ مدد ڏيندو.” هن چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ رياست خلاف هٿياربند بغاوت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته پوءِ حڪومت لاءِ پارٽي تي پابندي لڳائڻ ضروري ٿي سگهي ٿو پر هن اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت ان طرف نه ويندي. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ کي پرتشدد ڪارواين ۽ رياستي ادارن تي حملن کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پيپلز پارٽي شروع کان ئي نيب جي خلاف آهي، پيپلز پارٽي سمجهي ٿي ته اسان کي نيب جو ادارو بند ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪيترائي اونداهي وارا ڏينهن شامل آهن، پيپلز پارٽي ڪڏهن به ڪنهن سياستدان جي گرفتاري تي جشن ناهي ملهايو ۽ نه ئي مٺايون ورهايون. اسين ڪنهن سياسي پارٽي تي پابندي جي حق ۾ ناهيون، اسانجي جماعت تي ماضي ۾ پابندي لڳي ۽ چونڊ نشان به تلوار مان تير ۾ بدلايو ويو. هن چيو ته تحريڪ انصاف جو رد عمل سياسي ناهي، جي ايڇ ڪيو تي حملو اڳ ۾ ڪالعدم تحريڪ طالبان ڪيو ۽ هاڻي تحريڪ انصاف ڪيو آهي. زيارت ۾ جناح ريزيڊنسي تي بي ايل اي حملو ڪيو ۽ لاهور جي جناح هائوس تي پي ٽي آءِ حملو ڪيو. سياسي جماعتون هٿياربند ٿي حملا ناهن ڪنديون، پر امن احتجاج سڀني جو حق آهي پر تشدد جي ڪنهن کي اجازت ناهي، جيڪو پرتشدد ڪاروايون ڪندو ته قانون حرڪت ۾ ايندو.










