پيپلزپارٽيءَ لاءِ آمريتي دور ۾ قربانيون ڏيندڙن جو اولاد دربدر

پيپلزپارٽيءَ لاءِ آمريتي دور ۾ قربانيون ڏيندڙن جو اولاد دربدر

ملير ( شهزادو مستوئي) ضيائي  آمريت جي دور ۾ ملير جي شهيد  پيپلزپارتي جي ڪارڪنن ڦاهي چڙهندڙ  ناصر بلوچ، عمر قيد ڪاٽيندڙ رسول بخش لاهوتي، ڪامريڊ مصطفيٰ بلوچ، ڪامريڊ عيسيٰ بلوچ  جي وارثن عابد ناصر بلوچ، نديم بلوچ، امان گمون، رمضان بلوچ، فريده، حبيبان، وسيم بلوچ، مسمات شميم ۽ ٻين  پ پ جي جهونن ڪارڪنن ڪامريڊ وارث بلوچ ۽ عظميٰ خان سان گڏ ڪالهه ميمڻ ڳوٺ ۾ عوامي پريس ڪلب ملير ۾ پرهجوم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته  اسان جي وڏن جي شهادت کي 25 سال گذري ويا آهن پر  اڃان تائين اسان جي پارٽي ڪراچي ۽ ملير جي اڳواڻن ۽  حڪومت هوندي نه ڪا سهولت ڏني وئي نه نوڪريون مليون ۽ نه ئي پارٽي ۾ ڪا عزت ۽ اهميت ملي سگهي آهي، شهيدن  جي بيواهن روئيندي چيو ته اسان جا ٻچا بک بدحالي ۾ پني پيٽ پالڻ تي مجبور آهن  جيڪي جسماني ۽ ذهني معذوري سبب عبرت ناڪ زندگي گذاري رهيا آهن. هنن چيو ته اهڙي زندگي کان موت بهتر آهي. هنن افسوس جو اظهار ڪندي اعلان ڪيو ته پارٽي قيادت مسئلا حل نه ڪيا ته اسان مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال سان گڏ پاڻ ساڙي مارينداسين. شهيد ناصر بلوڇ جي پٽ عابد ناصر بلوڇ چيو ته اسان جي والدين قربانيون ڏنيون پر سهولتون ، سک، نوڪريون، عهدا، وزارتون انهن کي مليون جن جي پارٽي ۾ عمر ٿوري آهي ۽ سندن قربانيون به گهٽ آهن پرجن جا گهر ۽ خاندان پارٽي تان قربان ٿيا جنهن جي نتيجي ۾ اڄ هو عهدا ۽ وزراتون ماڻيو ويٺا آهن تن پنهنجي ساٿي ڪارڪنن کي وساري ڇڏيو آهي. شهيد عيسيٰ بلوچ جي پٽ نديم ٻڌايو ته سندس ڀاءُ وسيم بلوچ علاج نه ٿيڻ سبب معذرو بڻجي ويو آهي جيڪو پني پيٽ پالي ٿو. رسول بخش لاهوتي جي بيواهه امان گمون بلوچ ٻڌايو ته ان عرصي دوران  سندس هڪ پٽ ۽ هڪ ڌي فوت ٿي ويا آهن پر ڪنهن به پارٽي اڳواڻ تڏي تي اچي تعزيت ڪرڻ مناسب نه سمجهيو، زندگي فاقه ڪشي ۾ گذري پئي. شهيد مصطفيٰ بلوچ جي ڌيئرن فريده ۽ حبيبا ٻڌايو ته سندن گهر ڀاتي بيمار آهن ۽ ڀاءُ جاويد بيروزگار آهي ۽ هو اهڙي زندگي مان تنگ اچي ويا آهن. هو 15 سيپٽمبر تي بلاول ڀٽي جي جلسي کانپوءِ پنهنجن بنيادي ، سياسي ۽ معاشي حاصلات لاءِ مرحليوار تحريڪ شروع ڪندا جنهن جو انت پاڻ ساڙڻ تي اچي ختم ٿيندو. هنن پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ، چيئر پرسن آصف علي زرداري سميت انصاف پسند پارٽي اڳواڻن کي اپيل ڪئي ته هو ملير ۾ پارٽي لاءِ پنهنجي حياتين جي قرباني ڏيندڙ شهيدن جو قدر ڪندي سياسي بيحسي ۽ تنظيم ۾ نطرانداز ڪرڻ واري عمل خلاف ڪارروائي ڪري شهيدن جي وارثن کي  سندن حق ڏئي وارثي ڪئي وڃي.

ملير (شهزادو مستوئي) ضلع ڪائونسل ڪراچي جي بن قاسم واري علائقي يونين ڪائونسل گهگهر جي وائس چيئرمين ۽ چونڊيل ڪائونسلرن جا چيئرمين سان اختلاف چوٽ چڙهي ويا آهن. نمائندن جي تڪرار سبب علائقو گندگي جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ يونين ڪائونسل گهگهر جي وائس چيئرمين نور حسن قيصراڻي ڪائونسلرن غلام رسول ڪلمتي، اڪرم ڪلمتي ملير جي صحافين کي ٻڌايو ته چيئرمين عبدالرزاق سالار ۽ سيڪريٽري زوهيب شاهه ملي ڀڳت ڪري يوسي جو فنڊ هڙپ ڪري پئسا صرف ڪاغذن ۾ خرچ ٿي رهيا آهن ۽ سرزمين تي هڪ رپيو به خرچ نه ٿيو آهي. ان کان علاوه نڪاح نامن، ڄمڻ توڙي فوتي سرٽيفڪيٽن جي هڪ هڪ هزار کان 1500 رپيا ناجائز فيس ورتي ٿي وڃي گهڻي ڀاڱي ته علائقي ۾ رهندڙ ماڻهن کي رهائشي سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ کان به کتو جواب ڏنو ٿو وڃي. سندن چوڻ هو ته يوسي جو سيڪريٽري ذاتي اثررسوخ سبب پنهنجن ڪاروبارن تائين محدود آهي ۽ هو ڀلجي به يوسي آفيس نه ٿو اچي جڏهن ته ضروري ڪاغذي ڪارروائي لاءِ صحيح ڪرائڻ لاءِ فائلون سندس رهائش گاهه ماڊل ڪالوني کڄي وينديون آهن. وائس چيئرمين نور حسن قيصراڻي وڌيڪ الزام هڻندي چيو ته مامون سالار، دريا خان سميت ڪيترن ئي ڳوٺن جي ترقياتي ڪمن جا ٽينڊر نيلام ڪرڻ بدران  چيئرمين پنهنجي ڏاڍ مڙسي ڪندي اهي سڀ اسڪيمون پنهنجي من پسند ماڻهن کي ڏئي ڇڏيون آهن. هن چيو ته چيئرمين عوامي خدمت بجاءِ پنهنجو گهر ڀرڻ ۾ مصروف آهي چيئرمين هاڻي دودو ڪبير ڳوٺ جي (ڀائي خان محلو جيڪو سندس گهر آهي) لاءِ 40 لکن جي پاڻي جي اسڪيم رکي آهي، اجلاس ۾ سندس ڪرپشن، سيڪريٽري جي مسلسل غير حاضرين ۽ گذريل ٽن سالن جي بجيٽ جو تفصيل گهرڻ تي چيئرمين ڏمرجي پيو ۽ ڌمڪين تي لهي آيو، سندس اهڙي جارحاڻي رويي متعلق حد جي ايم اين اي ڄام عبدالڪريم، ايم پي اي ساجد جوکيو، ضلعي چيئرمين سلمان مراد، امداد جوکيو، منظور بلوچ ۽ ٻين کي ڪيترائي ڀيرا دانهن ڏني پر ڪو به کڙ تيل نه نڪتو آهي. ان سلسلي ۾ جڏهن  يونين ڪائونسل گهگهر جي چيئرمين عبدالرزاق سالار سان رابطو ڪيو ويو ته هن سمورن الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته وائس چيئرمين ۽ ڪائونسلر بليڪ ميلرن جو ٽولو بڻجي چڪو آهي، جڏهن  ته سيڪريٽري ۽ آئون ڪنهن بليڪ ميلنگ ۾ نه آياسين ته هو مخالفت تي لهي آيا آهن. وائس چيئرمين ۽ ڪائونسلر بجيٽ اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري هليا ويا تنهن هوندي به ڪوشش ڪري اسان بجيٽ پاس ڪرايو ۽ يوسي جو ڪاروهنوار هلائي رهيا آهيون.

ملير(شهزادو مستوئي) ضلعي جي مخلتف ٿاڻن مان ايس ايڇ اوز جي بدلين سبب ڪيترن ئي  علائقن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر  ڏوهه ۽ منشيات جو واهپو وڌي ويو آهي. سمنڊ ڪناري آباد مهاڻن جي وسندي ريڙهي مياڻ ۾ سڪڻ ٿاڻي تي مقرر ايس ايڇ او طرفان سختي کان پوءِ  منشيات ججي وڪري ۾ ڪجهه وقت ٺاپر کانپوءِ  منشيات  ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ اچي وئي آهي ۽ ويران اڏا آباد ٿي ويا آهن. ان سلسلي ۾ يوسي يونين ڪائونسل ريڙهي جي چيئرمين سلطان جت ۽ ڪائونسلرن صحافين کي ٻڌايو آهي ته ايس ايڇ او سڪڻ ڪمانڊو نالي آفيسر جي سختي سبب منشيات  جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ريڙهي مان مڪمل طور منشيات فروشن ۽ واپرائيندڙن جو صفايو ٿي ويو هو پر پوليس ۾ انتظامي تبديلين جي ڪري نئين آيل ايس ايڇ او جي ڪمزور انتطامي گرفت سبب هڪ ڀيرو ٻيهر منشيات فروش سرگرم ۽ واپرائندڙن جي ٻيگهي مچي وئي آهي. هن حيرت جو اظهار ڪيو ته  پوليس مک جوابدارن خلاف ڪارروائي بدران معمولي جوابدارن کي پڪڙي اڻ سڌي طرح منشيات فروشن کي هٿي ڏئي رهي آهي. هن چيو ته هو پوليس جي اعليٰ آفيسرن ۽ رينجرز کي منشيات جا اڏا هلائيندڙ جوابدران جا ثبوتن سان نالا ڏئي چڪو آهي ۽ ضرورت پوڻ تي ٻيهر ڏيندو جنهن خلاف پوليس کي اثرائتي ڪاروائي ڪري غريب مهاڻن جي وسندي کي منشيات کان آجو ڪرايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو