اسلام آباد (بيورو) اوگرا پيٽروليم شين جي قيمتن بابت سمري ناڻي واري وزارت کي موڪلي ڇڏي آهي. ذريعن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 15 رپيا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي.پيٽروليم شين جي قيمتن جي مقرري تي اوگرا جو ڪم آخري مرحلي ۾ آهي. ورڪنگ بائونڊري موجب پيٽروليم جي قيمت ۾ 15 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 18 رپيا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي.اوگرا پيٽروليم شين بابت ٻه تجويزون تيار ڪري ورتيون آهن. پيٽروليم شين تي ليوي ٽيڪس ۾ گهٽتائي ڪري قيمتون برقرار رکي سگهجن ٿيون، ليوي ٽيڪس 10 رپيا في ليٽر تائين وڌائي قيمتون وڌائي سگهجن ٿيون، اوگرا سڀاڻي پيٽروليم شين جي قيمتن جي سمري ناڻي واري وزارت کي موڪليندو.ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي قيمتن بابت تجويزن تي غور ڪندي. نئين قيمتن جو اعلان 31 جولاءِ تي وزيراعظم سان مشاورت کانپوءِ ڪيو ويندو.










