پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ جو اعلان ٽي وي تي نه ڪرڻ گهرجي ها: مفتاح

پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ جو اعلان ٽي وي تي نه ڪرڻ گهرجي ها: مفتاح

اسلام آباد (بيورو) ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل پيٽروليم شين جي قيمتن جي اعلان جي حوالي سان بيان جاري ڪري ڇڏيو آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مفتاح اسماعيل چيو ته مون کي گذريل شام ٽي وي تي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو اعلان نه ڪرڻ گهرجي ها، مان ۽ منهنجا ساٿي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو اعلان ڪريون ها. هن چيو ته وزيراعظم فيصلو ڪيو هو ته مصدق ملڪ ۽ مان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو اعلان ڪريون.

پهنجو تبصرو موڪليو