اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي حڪومت عوام تي مهانگائي جو هڪ ٻيو بم ڪيرائي ڇڏيو ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 22 رپيا وڌيڪ واڌ ڪري ڇڏي.وفاقي حڪومت طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ 22 رپيا 20 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 17 رپيا 20 پيسا ۽ لائيٽ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 17 رپيا 20 پيسا واڌ ڪئي وئي آهي. قيمت ۾ 9 رپيا 68 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي وفاقي حڪومت گاسليٽ جي قيمت ۾ 12 رپيا 90 پيسا واڌ ڪري ڇڏي آهي.واڌ کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 272 رپيا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل 280 رپيا ۽ لائيٽ ڊيزل 196 رپيا 68 پيسا ٿي ويو آهي، گاسليٽ جي نئين قيمت 202 رپيا 73 پيسا ٿي وئي آهي.











