پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي جو امڪان

پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي جو امڪان

اسلام آباد(بيورو)آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پيٽروليم شين جي قيمتن بابت نئين سمري تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 15 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي ۽ پيٽروليم شين تي لاڳو ٽيڪس جي شرح ۾ گهٽتائي ڪري عوام کي رليف پڻ ڏنو ويندو. ذريعن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 12 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 15 رپيا سستي جو امڪان آهي. اوگرا نئين قيمتن جي مقرري لاءِ 13 آگسٽ تي ناڻي واري وزارت کي سمري موڪليندو، جنهن کانپوءِ وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ نئين قيمتن جو اعلان 15 آگسٽ تي ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو