پيراميڊيڪل اسٽاف جي جدوجهد

پيراميڊيڪل اسٽاف جي جدوجهد

اعجاز ممنائي
پيراميڊيڪل اسٽاف صحت کاتي ۾ ريڙھ جي هڏيء جي حيثيت رکي ٿو جيڪڏهن اهو عملو نه هجي ته هوند اسپتالن جو سمورو وايومنڊل ۽ ڪاروهنوار ئي ناڪاره هجي هان پر سرڪار پاران انهن کي پنهنجي جائز حقن کان محروم رکيو ويو آھي جنهنڪري هڪ وڏي عرصي کان منجهن بي چيني پکڙيل آھي سندن جائز حقن ۾ سروس اسٽڪچر اهم مطالبو رهيو آھي جنهن جون وقت بوقت سمريون ٺھنديون رهيون آھن پر اهي فائلن ۾ گم ٿيندي ٿيندي خبر ناهي ڪهڙي ٽيبل تي پهتي آھي ڇوته سنڌ جي پوئين جمهوري حڪومت بالخصوص صحت واري وزير ته مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏي ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جي جائز مطالبن کان مڪمل منهن موڙي ڇڏيو ۽ ڪابه ڳالهه نه ٻڌڻ جو وچن ڪري ڇڏيو هو پر هيء مانجهي مڙس ٿڪجي پوئتي نه هٽيا ۽ نه ئي مطالبي تان هٿ کنيو۔ ان دور ۾ صحت کاتي جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاء مضبوط ڌرڻا به هنيا پر پوء به ڪو کڙتيل نه نڪتو۔ افسوس ان ڳالهه تي آھي ته هر ڌرڻي بعد اسان جي اسٽاف غيرسنجيدگي جو مظاهر ڪري نئون ڌڙو تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي جنهن سنڌ سرڪار ۽ صحت واري مارشل لائي وزير کان وڌيڪ نقصان پهچايو آھي ڇوته ٻڌيء ۾ طاقت هوندي آھي۽ بيوروڪريٽ توڙي سياستدانن اسانجي طاقت کي ٽڪرن ۾ ورهائڻ لاء ڪڏهن هم خيال گروپ کي جنم ڏنو آھي ته ڪڏهن ٽائيم اسڪيل ۽ سروس اسٽڪچر جو فارمولو بڻائي ٽيڪنيڪل ۽ نان ٽيڪنيڪل اسٽاف کي الڳ الڳ مراعتون ڏيڻ جا سانڀاها پئي ڪيا آھن پر نتيجي ۾ ڪوبه فارمولو ڪامياب نه ٿي سگهيو آھي۔ تازو حيدرآباد ۾ نج ٽيڪنيڪل اسٽاف جي مطالبن لاء ڪنوينشن ڪوٺايو ويو جنهن ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻھن شرڪت ڪئي ۽ نچي ڪڏي تاڙيون وڄائي هر ڪو پنهنجي پنهنجي گهر وڃي سوِڙين ۾ آرامي ٿيو۔ جيڪڏهن اهو ڌڙو ٽيڪنيڪل اسٽاف لاء حقيق جدوجهد ڪندڙ هيلٿ پروفيشنل پيراميڊڪس ايسوسيئيشن سنڌ جي ساٿ سان سلهاڙجي ڪم ڪري هان ته شايد ڪجهه نه ڪجهه نتيجو حاصل ڪري وٺي هان۔ پر ائين نه ٿيو صرف پنهنجي انيٰ ۽ معتبر ٿيڻ جي چڪر ۾ اتحاد کي نقصان پهچايو جيڪڏهن سڀئي پيراميڊيڪل اسٽاف جي حقن سان سچا آھن ته هيء ڌڙابندي ڇاجي آھي؟ جيڪڏهن نيت صاف ڪري ڪنهن هڪ اڳواڻ تي اعتماد ڪري سڀ ڌڙا ختم ڪجن ته سمورا مطالبا هڪ ڏينهن ۾ مڃرائي سگهجن ٿا۔ هن مهل تائين مطالبن جي مڃتا لاء لڳل ڌرڻن ۾ جيڪا ڇڙواڳي ڏٺي وئي آھي ان پوزيشن ۾ سڄي زندگي ڪوبه ڌڙو ڪوبه مطالبو مڃرائي نه سگهندو ۽ هر جدوجهد ناڪام ٿي ويندي ۽ سڀ سورن ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور هونداسين ۽ اسان جو مستقبل غيرمحفوظ رهندو۔

پهنجو تبصرو موڪليو