پيءُ جي پٽڪي جي ور چڙهيل ڌيءُ جو رت؟

پيءُ جي پٽڪي جي ور چڙهيل ڌيءُ جو رت؟

ليکڪ: اوشاق علي بليدي
تاريخي طور سنڌ جي سڃاڻپ قديم ۽ عظيم ثقافت، پرامن ڌرتي، مهمان نوازي ۽ بهادري سان وطن جو دفاع ڪرڻ جي روايت رهي آهي پر اڄڪلهه روز اهڙا قصا ٿا ٻڌون جو ڪنڌ شرم کان جهڪيو وڃي. روهڙي لڳ جهانگڙو ٿاڻي جي حد، ڳوٺ شاهه بخش ڀارو ۾ ٻن معصوم ٻارڙن جي ماءُ، گلان ڀارو جو بي رحماڻو قتل رڳو هڪ فرد جو قتل ناهي، پر اسان جي سماجي شعور، عدالتي نظام ۽ انسانيت جي منهن تي هڪ اهڙو ڪارو داغ آهي جيڪو صدين تائين ڌوئي نه سگهبو. گلان ڀارو جو ڏوهه رڳو اهو هو ته هن پنهنجي مٿان لڳل “ڪارنهن” جي بي بنياد ۽ ظالماڻي الزام کانپوءِ جڏهن موت کي پنهنجي چؤڌاري گهمندي ڏٺو، ته هن انصاف جي اميد ۾ سکر جي سيشن ڪورٽ جو در کڙڪايو.
هوءَ عدالت ۾ وئي هئي ته جيئن کيس تحفظ ملي، هن دارالامان وڃڻ جي اپيل ڪئي هئي، ڇاڪاڻ ته کيس پنهنجي رت جي رشتن جي اکين ۾ لڪل وحشت جو پورو پورو احساس هو. پر افسوس جو اسان جو قانوني نظام، جيڪو ڪاغذي طور تي ته نياڻين جي تحفظ جا وڏا وڏا دعويٰ ڪري ٿو، پر عملي ميدان ۾ اڄ به “وڏيرڪي ذهن” ۽ “ڪوڙي انا” جو غلام بڻيل آهي. جڏهن گلان جي پيءُ، امداد ڀارو، عدالت جي احاطي ۾ پنهنجي “پٽڪي” جو واسطو ڏنو ۽ کيس گهر وٺي وڃڻ جي ضد ڪئي، ته اسان جي انصاف جي ڪرسيءَ تي ويٺل رکوالن شايد اهو سمجهيو ته پيءُ جي هنج کان وڌيڪ محفوظ جاءِ ٻي ڪا ناهي. پر اهي وساري ويٺا هئا ته جنهن معاشري ۾ عورت کي “ملڪيت” سمجهيو وڃي، اتي رشتن جي تقدس کان وڌيڪ “مرد جي انا” معتبر هوندي آهي.
گلان ڀارو جڏهن پنهنجي پيءُ سان گڏ رواني ٿي رهي هئي، ته هن جا لفظ تاريخ جي پيشانيءَ تي هڪ سواليه نشان بڻجي لکجي ويا. هن چيو هو ته، “مون کي خبر آهي ته مون کي قتل ڪيو ويندو، پر پيءُ جي عزت خاطر سڀ ڪجهه قبول آهي.” اهي رڳو لفظ نه هئا، پر هڪ اهڙي نياڻيءَ جو موت کان اڳ جو آخري وصيت نامو هو، جنهن پنهنجي جان قربان ڪري پنهنجي پيءُ جي ڪوڙي دستار جو ڀرم رکڻ چاهيو. پر ان پيءُ ڇا ڪيو؟ گهر پهچندي ئي ان پٽڪي کي ڌيءَ جي رت سان ڳاڙهو ڪري ڇڏيو. ڇا هاڻي اهو پٽڪو پائي هو سماج ۾ سر کڻي هلي سگهندو؟ ڇا ان رت جي بوءِ کيس سمهڻ ڏيندي؟
اها انتهائي ڏکوئيندڙ حقيقت آهي ته اڄ جي شعور واري دور ۾ به پٺتي پيل قوم جون نياڻيون وڏي جرئت سان عدل جو در ته کڙڪائين ٿيون، پر اسان جو قانون کين تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪو آهي. عدالتون رڳو گواهن ۽ بيانن جون محتاج بڻيل آهن، جڏهن ته هڪ ناريءَ جي زندگي بچائڻ لاءِ ڪو به عملي ميڪانيزم موجود ناهي. گلان ڀارو جو قتل ان نظام جي منهن تي چماٽ آهي جيڪو مظلوم کي قاتل جي حوالي ڪري انصاف جا گهڙا ڀري ٿو. جيڪڏهن سيشن ڪورٽ کيس دارالامان موڪلي ها، ته شايد اڄ ٻه معصوم ٻار يتيم نه ٿين ها ۽ هڪ نياڻي زندگي جي بازي نه هاري ها.
سوال اهو آهي ته آخر ڪيستائين عورتون “غيرت” جي نالي تي قربان ٿينديون رهنديون؟ قانون، انصاف ۽ انسانيت آخر ڪڏهن جاڳندا؟ جيسين اسان جو سماج پٽڪي جي پيچن کي انساني جان کان مٿانهون سمجهندو، تيسين اسان جون ڀيڻون ۽ ڌيئرون ائين ئي تڙپي تڙپي مرنديون رهنديون. گلان ڀارو ته مٽيءَ جو رزق بڻجي وئي، پر سندس خون جو اهو سوال اسان جي هر اداري کان جواب گهري ٿو: ڇا اسان جو قانون رڳو لاشن تي ايف آءِ آر ڪٽڻ لاءِ آهي يا ڪنهن جي جان بچائڻ جي به سگھ رکي ٿو؟ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته “ڪارنهن” جهڙي وحشياڻي رواج خلاف رڳو قانون نه، پر هڪ مضبوط سماجي تحريڪ جي ضرورت آهي، ته جيئن وري ڪنهن ٻي گلان جو رت ڪنهن “پٽڪي” جي ور نه چڙهي.

پهنجو تبصرو موڪليو