پولٽري بحران جو نوٽيس وٺي مناسب اگهه ڏنو وڃي؛ پولٽري فارمر

پولٽري بحران جو نوٽيس وٺي مناسب اگهه ڏنو وڃي؛ پولٽري فارمر

گلاب لغاري (سليمان چانڊيو) پاڪستان جي وڏي مان وڏي ڪاروباري پولٽري صنعت وڏي بحران جو شڪار ٿي وئي آهي ڪافي عرصي کان مناسب اگھ نه ملڻ ڪري پولٽري فارم مالڪن جا ٻئي ھٿ مٿي تي اچي ويا آهن. پولٽري فارم جي مالڪن ابراھيم لغاري ۽ گلزار سريوال ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اڳئي مھانگائي جي ھن دور ۾ ھر شيءِ آسمان سان ڳالهيون ڪري رهي آهي ته ٻئي طرف بدقسمتي سان مرغي جو ريٽ تمام گهٽ رکيو ويو آهي فيڊ، چوزو ۽ دوا جا اگھ آسمان سان ڳالھيون ڪري رھيا آھن.

ھنن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو ته سنڌ جي وڏي ڀاءُ پنجاب صوبو سدائين صوبي سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو آھي جڏھن ته سنڌ ۾ مرغي جو ريٽ بھتر ٿيندو آھي ته پنجاپ سنڌ ۾ مرغي پھچائڻ شروع ڪري ڏيندو آھي ۽ انھي جي ڪري  اسين قرضي ٿي ويا آھيون جڏھن اسين چوزي جي ڊمانڊ ڪندا آھيون ته ھٿ سان چوزي جو ريٽ آسمان تي چاڙهيو ويندو آهي. ٻيو ته مرغي خريد ڪندڙ آڙتي 20 کان 25 روپيا ڪٽوتي ڪري ھٿ سان فارمر کي تباھ ۽ برباد ڪيو ٿو وڃي. ھنن وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته انھي بحران جو نوٽيس وٺي فارمر کي نقصان کان بچايو وڃي.٠

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو