پوليس گردي، هوٽل تان کنڀيل تي جوا جو ڪيس داخل

پوليس گردي، هوٽل تان کنڀيل تي جوا جو ڪيس داخل

ٽنڊو مستي (نادرعلي اڄڻ) ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي ايس ايڇ او پاران ريلوي ڦاٽڪ ٽنڊومستي ۾ سرعام داداگيري ڪندي هوٽل تي ويٺل ماڻھن تي تشدد ڪري  هدايت جماڻي ويلفئير ٽرسٽ ايمبولينس جي ڊرائيور ارشاد علي اڄڻ ۽ چڱي مڙس خوشحال خان گوپانگ کي زبردستي کڻي وڃي جوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو ، شھرين اندر خوف ڇانئيل ، ان موقعي تي اڄڻ ۽ گوپانگ برادري جي ماڻھن نصير احمد اڄڻ، زاھد اڄڻ ، ڪامريڊ حبيب الله گوپانگ ۽ ٻين احتجاج ڪندي  ايس ايس پي خيرپور کان نوٽس  وٺڻ جي اپيل ڪندي گهر ڪئي ته قانون کي  هٿ م کڻندڙ پوليس اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ، اسان جي گرفتار ٿيل ماڻھن مٿان داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي ، ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو