سکر(بيورو رپورٽ)پوليس جو مبينا مقابلو، بدنام ڏوهاري کي مارڻ ۽ هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ، خبرموجب سکر پوليس جي ترجمان مير بلال لغاري پاران جاري ڪيل بيان م ايس ايس پي سکر عرفان علي سمون دعويٰ ڪئي آهي ته سکر جي کڏهڙي ٿاڻي جي پوليس جادل جي لانڍي بچاءُ بند واري علائقي ۾ گشت ڪري رهي هئي ته ڏوهه جي ارادي سان ويٺل ڏوهارين ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ٿي پيو، مقابلي دوران پوليس جي جوابي ڪاروائي ۾ بدنام ڏوهاري محمد علي ٻرڙو مارجي ويو آهي، جڏهن ته سندس 2 ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن، مارجي ويل ڏوهاري خلاف سکر، جيڪب آباد، شڪارپور، نوابشاهه، گھوٽڪي، ڪراچي سميت مختلف ضلعن ۾ ڦر، ڌاڙو، چوري، پوليس مقابلن جا 17 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آهن، مارجي ويل ڏوهاري جي قبضي مان هڪ ڪلاشن ڪوف ۽ ميگزين پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.










