پنوعاقل (ن س )پنوعاقل جي سڌوجا پوليس خيرپور واسي همراهه کي عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو عبدالرحيم ڀٽو ڌاڙيلن جي عورتاڻي آواز تي هرکجي ڪچي ڏانهن وڃي رهيو هو ته پوليس کيس روڪي ورتو عبدالرحيم ڀٽو جو چوڻ آهي ته فون تي عاصمه جي نالي سان هڪ عورت فون تي رابطي ۾ هئي، عاصمه فون ڪري شادي ڪرڻ لاءِ ڪچي اچڻ جو چيو، پوليس جي روڪڻ بعد خبر پئي ته ڏوهارين اغوا ڪرڻ لاءِ گهرايو پئي، پوليس اغوا کان بچايل همراهه کي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو










