پوليس ناڪي تي دهشتگردن جو حملو، 3 ڄڻا شهيد

پوليس ناڪي تي دهشتگردن جو حملو، 3 ڄڻا شهيد

خيبر(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي علائقي چاروازگئي ويجهو پوليس گيٽ تي دهشتگردن جي حملي ۾ 2 پوليس اهلڪارن سميت 3 ڄڻا شهيد ٿي ويا.ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر سليم عباس موجب لنڊي ڪوتل بازار ويجهو پاڪ افغان هاءِ وي تي دهشتگردن پوليس چيڪ پوسٽ تي حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار، اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر عالم زيب ۽ هڪ رهواسي مارجي ويا. .ڊي پي او موجب دهشتگردن جي حملي ۾ 2 پوليس اهلڪارن ۽ هڪ مسافر سميت 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ٻيو اهلڪار شير عالم به زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو، جنهن بعد شهيدن جو انگ 3 ٿي ويو.ڊي پي او جو چوڻ هو ته آپگهاتي حملي جو اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي، جنهن دوران دهشتگرد فرار ٿي ويا، جڏهن ته ضلعي ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي.ٻئي طرف پوليس اهلڪارن سميت زخمين کي فوري طبي امداد لاءِ لنڊي ڪوتل اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان کين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پشاور حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس منتقل ڪيو ويو.واضح رهي ته پاڪ افغان هاءِ وي تي لنڊي ڪوتل بازار کان 3 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي پوليس اسٽيشن قائم ڪئي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو