ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ جاويد عالم دعويٰ ڪندي چيو آهي ته پوليس نوجوان ڪاروباري مير رضا جي موت جو پورو ڪيس ٽريس ڪري ورتو آهي.هڪ بيان ۾ آءِ جي سنڌ جو چوڻ آهي ته تمام جلدي پوليس پريس ڪانفرنس ڪندي ۽ ڪيس بابت سڀ ڪجھ ٻڌائيندي.جاويد عالم چيو آهي ته ڪيس تي تمام گهڻي محنت ڪئي آهي، پوليس ڪا لاپرواهي ناهي ڪئي.ٻئي طرف مير رضا جي پيءُ مير حسين تفتيش ۾ غفلت جو الزام مڙهيندي چيو آهي ته اسان قتل جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون پر تفتيش ڪجھ ٻي ٿي رهي آهي.مير رضا عليءَ جي پيءُ چيو آهي ته منهنجي پٽ تي قرض هو ته سڄي ملڪ تي به قرض آهي، اسان قتل جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون پر تفتيش ڪجھ ٻي ٿي رهي آهي.سندس چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر ڇو غائب آهي، پوليس هنوز اسان جو بيان رڪارڊ ناهي ڪيو، پوليس اسان سان ڪجھ ٻي ڳالهه ڪري ٿي ۽ ٻاهر ڪجھ ٻيو، ميڊيا تي خبر هلڻ کانپوءِ پوليس کان رپورٽ گهري سين ته ملي، اسان پهريان ئي تڪليف ۾ آهيون اسان کي انصاف گھرجي.










